وسيلن سان مالامال ملڪ ۽ اسان جو غريب عوام!

تحرير؛صنوبر خاصخيلي

پاڪستان ٺھڻ جي ڏينھن کان وٺي مسئلن ۽ سانحن جو شڪار رھندو آيو آھي، انڪري اھو خيال ظاھر ڪيو ويندو آھي ته مسئلن جو سڀ کان وڏو سبب وسيلن جي محدود ھجڻ ۽ پاڪستان جي معيشت ۾ اھا طاقت نه ھجڻ جنھن جي ملڪ کي ضرورت آھي، پر اھو سچ ھر گز نه آھي. حيرت انگيز ڳالهھ اھا آھي ته پاڪستان وٽ وسيلن جو انڀار آھي.

جنھن کي سياسي ۽ انتظامي نالائقين ۽ نا اھلين مسئلن جو گھر بڻائي ڇڏيو آھي. لاتعداد وسيلن سان لبريز قوم کي پريشانين ۽ خوف ۾ مبتلا ڪري پنھنجي ئي گھر جو دشمن اسانجي اعتماد کي ڇيھو رسائي رھيو آھي، ڇو ته اعتماد ڪاميابي جو پھريون ڏاڪو ھوندو آھي.

پاڪستاني معيشت کي 2005ع جي زلزلي بعد وڏو ڌڪ رسيو، پر جون 2006ع ۾ پاڪستان جي معيشت 7 سيڪڙو واڌ ويجھه  ڪري پنھنجي معيشت جي مضبوطي کي ثابت ڪري ڏيکاريو.

حيرت انگيز حقيقت اھا آھي ته پاڪستان جي معيشت دنيا جي ان چند معاشي طاقتن مان ھڪ آھي جنھن جي واڌ ويجھه  ھميشه مثبت رھي آھي .

حال ئي ۾ ھڪ رپورٽ شايع ٿي آھي جنھن جي مطابق پاڪستان جي معيشت تي دنيا جي معاشي ماحول جا اثر سڀ کان گھٽ ٿيا آھن، ۽ پاڪستاني معيشت جي ان جائزي ۾ ٻين 68 ملڪن کي به پرکيو ويو ھو.

پاڪستان جا معاشي حالتون 2008ع ۾ خراب ٿيڻ شروع ٿيا ، ۽ 2009ع ۾ ويتر وڌيڪ خراب ٿي ويو.جڏھن ته پاڪستان تي عالمي مالياتي بحران جا اثر سڀني کان گھٽ ٿيا ھئا، ۽ پاڪستان جي بينڪاري نظام تمام بھترين نتيجا اخذ ڪيا.

پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ ھئڻ جو اعزاز رکي ٿو جيڪڏھن صحيح نموني اھي وسيلا خرچ ڪيا وڃن ته پاڪستان جا انهن وسيلن ذريعي ترقي جا منظر به نظر اچن ٿا،پر ھتي ته مسئلن جي پاتال مان نڪرڻ جو ڪوبه حل پري پري تائين نظر نٿو اچي.

پاڪستان تيل جي وسيلن جي دولت سان مالامال آھي. اربين ڊالر ان حوالي سان خرچ ڪرڻ واري ھن ملڪ ۾ ھڪ اندازي مطابق تيل جا وسيع تر ذخيرا موجود آهن. اسي جي ڏھاڪي دوران پاڪستان ۾ تيل جا زخيرا دريافت ڪرڻ لاءِ تمام گھڻيون ڪوششون ٿيون جنھن سان پاڪستان ۾ تيل جي پيداوار 4 ملين بيرل کان 22 ملين بيرل سالياني ٿي وئي.

تيل جي ڳولا ۾ اھا ڳالهھ ثابت ٿي ته تيل جا ذخيرا سنڌ جي ڪجھه  علائقن ۽ بلوچستان ۾ وسيع پيماني تي موجود آھن جنھن جي حد 300 ملين بيرل تائين آھي، پر افسوس جوڳي صورتحال اھا آھي ته پاڪستان ۾ نوي جي ڏھاڪي ۾ جيڪو ڪم تيزي سان ٿي رھيو ھو، اھو آھستي آھستي روڪيو ويو.

دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ تيل جا ذخيرا سعودي عرب ۾ آھن، جڏھن ته پاڪستان 57ھين نمبر تي ۽ انڊيا ايڪھين جڏھن ته چين چوڏھين نمبر تي آھي.

تيل کان علاوه پاڪستان ۾ گيس جا به وسيع پيماني تي ذخيرا موجود آھن، ھتي 792 ارب مڪعب فٽ گيس موجود آھي. ٻي طرف گيس جي سنگين لوڊشيڊنگ ڏسون ٿا ته ان تي يقين ڪرڻ ممڪن نٿو لڳي. پاڪستان ۾ گيس جا 27 وڏا ذخيرا آھن.دنيا ۾ 105 کان وڌيڪ ملڪ اھڙا آھن جن وٽ قدرت جي ھي نعمت ذري برابر به موجود ناھي،دنيا ۾ گيس جا سڀ کان وڌيڪ ذخيرا روس وٽ آھن، ان فھرست ۾ ايران ٻئي ۽ قطر ٽين نمبر تي موجود آھي،

ڪوئلي جو ذڪر ڪجي ته ان جا به وسيع پيماني تي ذخيرا پاڪستان جي معيشت ۾ شامل آھن.

ھڪ اندازي جي موجب جيڪڏھن پاڪستان سنجيدگي سان ڪوئلي مان بجلي حاصل ڪري ته سئو سالن تائين ھڪ لک ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو. دنيا ۾ ساليانو ٽي ارب ٽن ڪوئلو استعمال ٿئي ٿو،! يعني جيڪڏھن پاڪستاني ڪوئلو پوري دنيا استعمال ڪري ته پورا 65 سال لڳندا ان ذخيري کي ختم ٿيڻ ۾.!!

ھاڻي پاڻ ذڪر ڪريون ٿا کيوڙا ۾ موجود پاڪستان جي لوڻ جي ذخيرن جي وڏي ۾ وڏي  کاڻ جو، ان کاڻ ۾ 220 ملين ٽن لوڻ جا ذخيرا موجود آهن، ۽ ان مان ھر سال ٽيهھ لک ٽن لوڻ ڪڍيو ويندو آھي.! لوڻ جي وڏي ۾ وڏي کاڻ سان گڏوگڏ اھا جڳھه خصوصي طور سياحن جي ڌيان جو مرڪز به بڻيل آھي، ۽ تقريبن ھر سال چاليھه ھزارن کان به وڌيڪ سياح ھن جڳهھ جو سير ڪرڻ لاءِ ايندا آھن.

کيوڙا جو لوڻ پاڪستان کان علاوه دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ به ايڪسپورٽ ڪيو ويندو آھي.

انھن کان علاوه پاڪستان ۾ جھجي تعداد ۾ سون ۽ ٽامي جا به وسيع ذخيرا پڻ موجود آھن.

ھڪ محتاط اندازي جي مطابق بلوچستان جي ضلعي چاغي ۾ سون ۽ ٽامي جا وسيع ذخيرا موجود آهن جنهن ۾ سون جي مقدار تقريبن 8.4 ملين اونس ۽ ٽامي جو مقدار 9 ارب پائونڊ ٻڌائي وڃي ٿي.تمام افسوسناڪ حقيقت اھا آھي ته ان اھم ملڪي اثاثن جو پاڪستان صرف 25 سيڪڙو حاصل ڪري سگھندو، بقايا سڀ غير ملڪي ڪمپنين جي ملڪيت ھوندو.

مطلب 25 سيڪڙو بلوچستان حڪومت جو، ۽ چين جي ھڪ ڪمپني جو حصو 37.5 سيڪڙو ۽ بقايا به ڪجھه  ڪمپنين ۽ وفاقي حڪومتي ادارن ۾ ورھاست ٿيل آھي.

جيڪڏھن بلوچستان حڪومت اھو حصو ادا نه ڪري سگھي ته پوءِ ان جو حصو به وڪرو ڪيو ويندو. ان خزاني جي ماليت 120 ارب ڊالر ٻڌائي وڃي ٿي، ۽ ان جو مقدار ۽ تعداد ايران ۽ چين مان نڪرندڙ ذخيرن کان به تمام گھڻو آھي.

ان سان گڏ پاڪستان زرعي ملڪ ھئڻ جي حيثيت ته رکي ٿو، پر ھتي زراعت به سالن کان ڪافي مسئلن جو شڪار آھي. ان باوجود پاڪستان ڪيترائي فصل پيدا ڪرڻ وارن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. جوئر جي پيداوار ۾ پاڪستان جو دنيا سطح تي ڇويھون نمبر آھي. ۽ ان جي سالياني پيداوار 265000 ميٽرڪ آھي. مڪئي جي پيداوار 30 لک ميٽرڪ ٽن جي حساب سان دنيا ۾ پاڪستان ايڪيھين نمبر تي آھي. ڪپھه  جي پيداور ۾ پاڪستان دنيا جي چوٿين نمبر تي آھي ۽ 92 لک ڪاٽن جون ٻوريون حاصل ڪيون وينديون آھن.

ڪپھه  جي پيداوار جي ان فھرست ۾ پھرين نمبر تي چين، ٻين تي انڊيا ٽين نمبر تي آمريڪا آھي.

اھڙي طرح ڪپھه  جي ٻج جي پيداوار ۾ پاڪستان دنيا جي ٽين نمبر تي آھي جٿي تقريبن 15 لک ميٽرڪ ٽن ٻج پيدا ٿيندو آھي.کائڻ واري سورج مکي جي پيداوار ۾ پاڪستان دنيا ۾ ستين نمبر تي آھي، جنھن جي پيداوار 361000 ميٽرڪ ٽن ٿئي ٿي.ڪپھه  جي ٻج مان ٺھندڙ تيل جي پيداوار 528000 ميٽرڪ ٽن سان ٽين نمبر تي آھي.

ان سان گڏ سورج مکي مان ٺھندڙ تيل جي هيداوار 345000 سان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آھي.

چانورن جي پيداوار جي لحاظ سان پاڪستان دنيا جو ٻارھون وڏو ملڪ آھي، جنھن جي ڪل پيداوار 6,200,000 ميٽرڪ ٽن آھي.

اھڙي طرح ڪڻڪ جي پيداوار جي لحاظ کان 24,000,000 ميٽرڪ ٽن سالياني پيداوار سان دنيا ۾ ڇھين نمبر تي آھي پر افسوس ايڏي وڏي پيداوار ھئڻ باوجود ھتي اٽي جي تمام گهڻي کوٽ ٿي ويندي آھي.

پاڪستان دنيا ۾ مينھن جي کير جي پيداوار ۾ دنيا جي پنجين ۽ ايشيا جي ٻين نمبر تي موجود آھي، پاڪستان ۾ ساليانو 8 ملين کير جي پيداوار آھي،

پاڪستان جو ميزائل سسٽم اسلامي دنيا ۾ سڀ کان بھتر ۽ مؤثر آھي. پاڪستان اسلحي سازي ۾ به خود ڪفالت حاصل ڪئي آھي، جنھن ۾ جي ايف 17 ٿنڊر جي تياري ۽ الخالد ٽينڪ قابل ذڪر آھن.

پاڪستان جي ھٿيارن جي فروخت ساليانو تقريبن ٻه ملين ڊالر آھي.

ھاڻي اچون ٿا ته جڏھن ھڪ ملڪ وٽ ايتري تعداد ۾ پيداواري ۽ لاتعداد قدرتي وسيلا موجود آھن جنھن سان ھر ھڪ فرد ٻاروتڻ کان جواني ۽ جواني کان پيري تائين امير ترين زندگي گزاري سگھي ٿو پر افسوس ايترن وسيلن ھئڻ باوجود ھن ملڪ جو عوام ڏينھون ڏينھن مفلسي غربت ۽ بيروزگاري جي ور چڙھندو پيو وڃي ۽ ان مسئلن سبب ھر سال لاتعداد خودڪشين جا واقعا به پيش ايندا رھن ٿا، ٿوري نظر ملڪي تعليم ڏانھن ڦيرايون ته تعليمي ادارن ۾ ڪا بھتري نه آھي جنھنڪري ملڪ جا ڪيترائي معصوم ٻار تعليم جي زيور کان محروم آھن ۽ معصومپڻي ۾ ئي روزگار لاءِ ڀٽڪندا وتن ٿا، ۽ نه ئي ھتي صحت جي حوالي سان ڪي به جوڳا اُپاءُ ورتل آھن، سرڪاري اسپتالون مريضن سان ڀريل آھن پر انھن ۾ ڪي به سھولتون موجود ناھن، جنھنڪري مريض تڙپي تڙپي دم ڌڻي حوالي ڪن ٿا. ۽ روڊن رستن جي صورتحال به ڪنھن کان ڳجھي ڪونھي، ان کان علاوه سسٽم جو ھيٺان کان مٿان تائين صهيح نظام نه ھجڻ ۽ غربت جي انتھا ڪري ھن وسيلن سان مالا مال ملڪ جا ماڻھو ھي امير ملڪ ڇڏي سعودي عرب ، دبئي يا ٻين ملڪن ۾ روزگار سانگي درپدري واري زندگي گزارين ٿا. جڏهن ته سعودي عرب ۽ دبئي سميت ٻيا ڪافي ملڪ پاڪستان جي اميري جي حصي ۾ به نه آھن،

پاڪستاني بجيٽ جو نوي سيڪڙو کان مٿي دفاع کي ڏيڻ باوجود جيڪو حصو بچي ٿو جيڪڏھن اھو به صحيح نموني ملڪي عوام تي خرچ ڪيو وڃي ته ڪافي غربت، مفلسي ۽ بيروزگاري ختم ٿي سگھي ٿي، پر اھو بچيل سيڪڙو به عوامي نمائنده ڳڙڪائي وڃن ٿا جنھن ڪري ملڪي عوام جي قسمت ھينئر تائين بدلجي ناھي سگھي ۽ مستقبل ۾ تبديل ٿيڻ جا به ڪي امڪان نظر نٿا اچن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.