ٿر ۾ موت تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ 3 گل ڪومائجي ويا

مٺي ( ڊر)ٿر ۾ ٻارن جي موت وارن واقعن تي ضابطو اچي نه سگهيو،وڌيڪ 3 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا. مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين سبب وڌيڪ 3 ٻارڙن دم ڏيئي ڇڏيو،فوت ٿيل 3 ٻارڙن ۾ امين ولد الله رکيو،وڪيو ۽ شبير جا جا تازا ڄاول ٻارڙا شامل آھن. جڏهن ته مٺي سول اسپتال ۾ 60 کان به وڌيڪ ٻارڙا علاج هيٺ ٻڌايا وڃن ٿا، زير علاج ٻارڙن ۾ اڪثريت غذائي قلت جي شڪار ٻارڙن جي شامل آهي،جڏهن ته هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 12 ٿي ويو آهي،جڏهن ته سال 2021ع ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي فوتي ٻارن جو انگ 625 ٿي ويو هو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.