زرعي جنسن جا اگهھ ڪيرائي معاشي قتل ڪيو پيو وڃي :اياز پليجو

حيدرآباد (پ ر ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته آبادگارن، مزدورن، عورتن ۽ نوجوانن کي بنيادي حق ڏنا وڃن، انتھاپسندي جا ٻڄ پوکڻ وارا موجوده سنگين صورتحال مان سبق حاصل ڪن۔ سنڌ مان غير قانوني پرڏيھين کي واپس ڪيو وڃي،  سنڌ ۾ زراعت جي تباهي ۽ پاڻي جي کوٽ جي سخت ڳڻتي  آهي. عوام کي روزگار ۽ امن نه ڏيندڙ جمهوريت جا چئمپين نه ٿين. سنڌ غربت ۽ تباهي جي گهيري ۾ آهن. فصلن تي وڏا خرچ ٿين ٿا، ان حساب سان آبادگارن کي فصلن جي صحيح قيمت نٿي ڏني وڃي۔ جنھن ڪري زراعت بدحالي جو شڪار آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو ته ڪمند جي ھر شئي ڪارائتي آھي پر آبادگارن کي ملندڙ کنڊ جي حساب سان به پئسا نٿا ڏنا وڃن، ڪمند سميت جيڪو به فصل لھي ٿو، ڪڻڪ، ڦٽيون، ساريون ۽ ٻيا فصل لھن ٿا ته انھن جا اگهھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو وڃي ٿو، مھانگائي ماڻھن جي چيلهھ چٻي ڪري ڇڏي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.