سنڌ حڪومت طرفان بلوچستان جي برسات سٽيلن جي مدد

ڪراچي (رپورٽر ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي بلوچستان ۾ برسات سٽيلن لاءِ امدادي سامان موڪلي ڇڏيو آهي. صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سنڌ (پي ڊي ايم اي) سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي بلوچستان ۾ برسات سٽيل علائقن جي عوام لاءِ 5000 خيما، 10 هزار ڪمبل، 3000 سوئيٽر، 4740 چلها ۽ 4700 فرسٽ ايڊ ڪٽس جو امدادي سامان بلوچستان موڪليو. وڏي وزير پي ڊي ايم اي جي ڊائريڪٽر جنرل سلمان شاهه کي هدايت ڪئي ته هوءَ پي ڊي ايم اي بلوچستان سان رابطي ۾ رهي۽ کانئن پڇي ته کين ڪنهن ٻي شيءِ جي ضرورت هجي ته ان مطابق انهن جي واهر ڪئي وڃي. وڏي وزير جي رليف ۽ بحالي واري صلاحڪار غلام رسول چانڊيو ذاتي طور پنهنجي نگراني هيٺ ٽرڪون گودامن مان اماڻيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.