بي رحم  پيءُ 3 ڌيئرن کي واهه ۾ اڇلي ڇڏيو، لاشن جي ڳولا جاري

چونيان ۾ بي رحم پيءُ ٽن نياڻين کي واهه ۾ اڇلي ڇڏيو.

پوليس موجب جوابدار اسلم ٻه ڏينهن گھريلو جهيڙي ۾ فائرنگ ڪري هڪ شخص کي قتل جڏهن ته ٻن عورتن سميت پنجن ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدار اسلم پنهنجي زال جي آڏو اعتراف ڪيو آهي ته هن فائرنگ کان اڳ پنهنجي ٽن ڌيئرن کي 9 ورهين جي تحريم فاطما، 8 ورهين جي ملائيڪا ۽ 6 ورهين جي مشال کي واهه ۾ اُڇلي ڇڏيو هو.

پوليس کي راجوال بي ايس لنڪ واهه ويجهو ٻارن جا جوتا ۽ ٻيو سامان مليو آهي.

ٻارڙين جي ماءُ جي فرياد تي سندس مڙس جوابدار اسلم جي خلاف ٽنهي نياڻين جي قتل جو ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي.

آيف آءِ آر ۾ فريادي نازيا جو چوڻ آهي ته اسلم گھر ۾ جهيڙو ڪيو ۽ اهو چئي ڪري ڌيئرن کي اسڪول وٺي هليو ويو ته هو لاهور وڃي رهيو آهي.

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو ته قيد ۾ جوابدار اسلم سان ملاقات ڪئي ته هن ڌيئرن جي قتل جو اعتراف ڪيو.

ٻي پاسي ريسڪيو ذريعن موجب اوڪاڙا ۾ ريسڪيو ٽيمن هڪ ٻارڙيءَ جو لاش ڳولي ورتو آهي جڏهن ته ٻين جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.