تدفين جو تڪرار، هٿياربند 7 مهينا اڳ لاڏاڻو ڪري ويل پير جي ميت ڪڍي کڻي ويا

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ 7 مهينا اڳ لاڏاڻو ڪري ويل شخص جي ميت قبر مان ڪڍي وئي.

پوليس موجب ڳڙهه فتح شاهه جي علائقي ۾ گذريل رات هٿياربندن پير بهادر علي شاهه جي قبر کوٽي ميت کي ڪڍي گڏ کڻي ويا، پير بهادر شاهه 7 مهينا اڳ لاڏاڻو ڪري ويو جنهن جي تدفين ڳڙهه فتح شاهه ۾ ڪري هن جي ننڍي پٽ مزار به تعمير ڪرائي هئي.

پوليس ٻڌايو ته مرحوم جا ٻه وڏا پٽ اوڪاڙا ۾ تدفين ڪرڻ چاهين پيا ۽ ڀائرن جو ان معاملي تي تڪرار هلندڙ هو.

پوليس موجب گذريل رات ٻئي وڏا ڀائر ٻين مٿياربندن سان آيا ۽ پيءُ جي ميت ڪڍي گڏ کڻي ويا، جوابدارن مبينا طور تي مزار جي هڪ مجاور کي به اغوا ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.