خانپور مهر ۾ڀاڻ جا ڊيلر بي لغام، بليڪ تي وڪرو، آبادگارن جو ڌرڻو

خانپورمهر (رپورٽ: ميهرمهر) خانپورمهر ۾ ڊيلر مافيا بي لغام، ڀاڻ جي في ٻوري 3 هزارن ۾ وڪرو، آبادگارن جو احتجاج، انتظاميه خاموش، خانپورمهر ۾ ڊيلر مافيا بي لغام ٿي وئي آهي ڀاڻ جي ڊيلرن ڀاڻ جون سوين ٻوريون گودامن ۾ لڪائي بليڪ تي في ٻوري  3 هزار روپين ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري خلاف سوين آبادگارن اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙھ ۾ مختيار ڪار آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آبادگارن چيو ته خانپورمهر ۾ زرعي ڊيلر سنيل ڪمار ،ارون ڪمار سنديپ ڪمار ڀاڻ جون سوين ٻوريون ڀانڊن ۽ گودامن ۾ لڪائي بليڪ تي في ٻوري 3 هزار رويپن ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن بادگار ڀاڻ لاءِ روزانو چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهن آبادگارن جي ڏنهن ٻڌڻ وارو ڪو به ناهي انتظاميه به خاموش آهي آبادگارن چتاءُ ڏنو ته فوري طور ڀاڻ جو بليڪ تي وڪرو بند ڪرائي ڊيلرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.