نوابشاهه جا آبادگار ڀاڻ کان محروم، ڊيلر، انتظاميا وڏيرن کي راضي ڪرڻ ۾ رڌل

نوابشاهه(رپورٽ: فياض چنڊ ڪليري) سڄي سنڌ وانگر ضلعي شھيد بينظير آباد جا ننڍا ۽ غريب آبادگار بدستور يوريا ڀاڻ جي حاصلات کان محروم آھن مليل ڄاڻ موجب ضلعي شھيد بينظير آباد ڪڻڪ جي پوکي جي ايرضي 3 لک 20 ھزار ايڪڙن تي مشتمل آھي جن لاءِ يوريا ڀاڻ جو گھربل مقدار ساڍا 12 لک ٻوريون آھي پر ھن سال وفاقي حڪومت سنڌ سميت شھيد بينظير آباد ضلعي سان امتيازي ورتاءُ ۾ ڪا بہ قصر نہ ڇڏي آھي ۽ يوريا ڀاڻ جي گھربل مقدار بدران 8 لک ۽ ڪجھ ھزار ٻوريون ضلعي جي يوريا ڀاڻ جي ڊيلرن کي ڏنيون ويون آھن ذريعن ٻڌايو تہ ضلعي کي مليل اڌو ڳابرو ڀاڻ جيڪو ضلعي ۾ موجود سمورن ڊيلن ۾ برابري جي بنياد تي ورھائڻو ھوندو آھي اھو ضلعي جي با اثر سياسي ڀوتارن ۽ وڏيرن جي مداخلت سبب ۽ ساڳي طرح سياسي آشير واڌ حاصل ڪيل صرف ٽن چئن وڏن ڊيلرن کي ڏنو ويو آھي جڏھن تہ ڀاڻ جي ورھاست جي سرڪاري ۽ قانوني ذميواري جيڪا زراعت کاتي تي لاڳو ھوندي آھي اھا ڊپٽي ڪمشنر زراعت کاتي جي آفيسرن کان ڦري پنھنجي ماتحت اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ نوازيل تپيدارن حوالي ڪري ڇڏي آھي جيڪي غريب ۽ ننڍن آبادگارن کي يوريا ڀاڻ جي ھڪ بہ ٻوري ڏيڻ بدران صرف با اثرن ۽ سياسي ڀوتارن کي ڏئي رھيا آھن جڏھن تہ ننڍن ۽ غريب آبادگارن جي ڪڻڪ وقت تي ڀاڻ نہ ملڻ سبب ڦوٽھڙي ۽ اُسڻ واري مند ۾ ڪومائجڻ لڳي آھي.  ٻئي طرف سنڌ ۾ يوريا ڀاڻ جي بليڪ تي وڪرو خلاف نواب شاهه ضلعي جي مختلف ننڍن آبادگارن پاران محمد عارف رند، نواب لنڊ، طارق لنڊ، حبيب خان لنڊ، محمد فتح رند، شادي خان رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ھٿ وٺي زرعي ڀاڻ جي کوٽ ڪري بليڪ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي جنھن سان ننڍن آبادگارن کي وڏو نقصان پھچي رھيو آھي، ھنن چيو ته يوريا ڀاڻ جا ڊيلر پنھنجي من پسند ۽ وڏن آبادگارن کي ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪن ٿا جڏھن ته ننڍا آبادگار بک ۽ بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته يوريا ڀاڻ جي ذخيرہ اندوزي ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.