گهوٽڪي لڳ سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، فائرنگ

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪيءَ ڀرسان ميراڻي ڌرين ۾ سڱاوتيءَ تان ڇڪتاڻ تيز، فائرنگ،خبر موجب گهوٽڪيءَ ڀرسان ميراڻي برادري جي ٻن  ڌرين ۾ سڱاوتي  تڪرار تان ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، هڪ ٻئي جي گهرن تي حملا، فائرنگ ڪئي وئي، گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ جانڻ واسو جي رهواسي ڳوٺاڻن سليمان عرف جمال الدين ميراڻي، پنهل ميراڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن جوابدارن شوگر مل مان ڪمند جا پئسا وٺي واپس ايندڙ اسان جي ماڻهن کي روڪي 7 لک رپيا ڦر ڪري ممتاز ميراڻي، بشير ميراڻي، مجيد ميراڻي سميت چئن ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو، جن مان ٽن ڄڻن جي حالت نازڪ هجڻ سبب کين سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. آندل سندراڻي ٿاڻي جي پوليس حملو ڪندڙ جوابدارن کان پئسا وٺي سندن مٿان ڪيس داخل نٿي ڪري.  ڄاڻايل جوابدارن اڄ ٻيهر اسان جي گهرن تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي. مظاهرين ايس ايس پي گهوٽڪيءَ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.