خيرپور ويجهو سماجي اڳواڻ پاران ٺهرايل اسڪول زبون، احتجاج

خيرپور ( س ر) فيض گنج تعلقي جي ڳوٺ لعل خان سپرا جو رھواسي ايڊوڪيٽ اعجاز احمد سپرا خيرپور۾ صحافين وٽ پھچي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ 1995 کان گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول سپرا جي بلڊنگ  پنھنجي مدد پاڻ  تعمير ڪرائي آهي جنھن جي ضلعي انتظاميه ۽ حڪومت ڪا به سار نه لڌي آهي ھن چيو ته  ٻه ڏينهن  اڳ واري برسات ۾ اسڪول جي بلڊنگ ھنڌا ھنڌا ڏري وئي آھي ۽ اسڪول جي بلڊنگ زبون حال ٿي ڪرڻ تي آهي جنهن ڪري اسڪول ۾ ويٺل ٻارڙا کلي آسمان هيٺ ويهي تعليم پرائي رهيا آهن ، ھن چيو ته ھن اسڪول کي ڪابه چوديواري نه آهي  اسان ڪيترائي ڀيرا انتظاميا کي درخواستون ڏئي ڏئي ٿڪجي پيا آهيون پر ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي هن چيو ته بلڊنگ جي بجيٽ جيڪا اچي ٿي اھا بجيٽ انتظاميا کائي وڃي ٿي، ھن وزيراعلا سنڌ ، وزير تعليم کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي  بلڊنگ نئين تعمير ڪرائي ڏني وڃي، ته جنيئن اسان جا ٻارڙا تعليم حاصل ڪري سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.