سنڌ جي شاگرد سياست مٿان راتاها ۽ رڪاوٽون

تحرير : منصور آزاد

عالمي ادب جو ڳوڙھو اڀياس ڪبو ته معلوم پوي ٿو ته دنيا اندر جيڪي انقلاب آيا ۽ انقلابي تحريڪون هليون ان ۾ اڪثر تحريڪ شاگردن جو اهم ۽ پرجوش ڪردار رهيو آھي، شايد اهو انهيءَ ڪري جو جيڪو شاگرد سياست سان ناتو جوڙي ٿو انهيءَ ۾ هو جڏھن شئين کي انقلابي ۽ سائنسي انداز ۾ ماپڻ شروع ڪري ٿو ان سبب هو پنهنجي ڏاهپ، سرڪشي ۽ مضبوط قوت سبب هڪ متحرڪ ڪردار جي طاقت رکندا هجن ٿا.

انقلابي تحريڪن اندر شاگرد جدوجهد جي کي دليل ڏئي اڳتي وڌائجي ته اسان وٽ ننڍي کنڊ اندر ئي پونئين صديءَ جو مثال ملي ٿو. گڏيل هندستان اندر نيشنل ڪاليج بمبئيءَ جا شاگرد برٽش راڄ کان چوٽڪاري لاءِ نصابي (Acedmic) تعليم سان گڏ سياسي (Political) تعليم ڏي لاڙو رکندڙ هڪ جٿي جي شڪل اختيار ڪن ٿا ۽ اڳيان هلي هندستان ريبليڪن ايسوسيئشن ۾ شامل ٿي جدوجهد جو آغاز ڪن ٿا ۽ پراڻن ساٿين جي گرفتارين ۽ سزائن بعد اهم ذميواريون تي فائز ٿين ٿا اڳيان هلي رنگ، نسل،ذات پات ۽ مذهبي مٿڀيد کان بالاتر سماج جي بنياد تي آجپي جي حاصلات سوشلزم جي نظريي تحت هندستان ريبليڪن ايسوسيئيشن کي هندستان سوشلسٽ ريبليڪن ايسوسيئيشن جو بنياد وجهي هڪ ڏکئي رستي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪن ٿا. جڏهن ته اهو هڪ الڳ بحث آھي گانڌي ۽ هنن وچ ۾ نظرياتي اختلاف ضرور هيا. گانڌي سان سينيئر ۽ برک سياستدانن جو ڳچ حصو اهنسا جي بنياد تي سراپا عمل هيو جنهن جي ڪري ئي شايد نتيجا مليا پر شاگردن سرڪشي سان جيڪا جدوجهد ڪئي جنهن ۾ ڀڳت سنگ، سک ديو ۽ راج گرو کي ڦاهي ڏني وئي ان هندستان جي سياسي ماحول تي وڏا اثر ڇڏيا ۽ هوءَ لکين ماڻھن جا آئيڊيل بڻجڻ سان گڏوگڏ ٻليدان سبب آجپي ۾ جدوجهد ڪنهن قدر حصو بڻجي ٿي ڳائجن پيا، ساڳئي وقت شاگرد جدوجهد جي ڳالهه ڪجي ته ماضيءَ جي مثالن سبب وقت جو حڪومتون سامراج ۽ رياست شاگرد اتحاد کان ڀوائتا ٿيو ٿا وڃن جنهن جو زنده مثال ملڪ اندر شاگرد يونين تي ضيا جي مارشل لا جي دور کان پابندي آھي.

موجوده وقت ۾ گذريل ڏھاڪن جي ڀيٽ ۾ پنڊ پهڻ پيل شاگرد سياست جيئن ارتقا ۽ اوسر کاڌي آھي ته جهوريت جي دعويدارن ماضيءَ جي مارشلائي پابندين جي پاداشن جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آھن جڏھن موجوده سرڪار ماضي جي دورن ۾ ايم آر ڊي تحريڪ خلاف هڪ جاندار تحريڪ جو حصو پڻ رهي آھي ۽ سندن شاگرد ونگ جو پڻ ۾ متحرڪ ڪردار ۽ قربانيون آھن جيئن کاٻي ڌر ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ شاگرد مزاحمت جو اعلٰى ڪردار رهيو آھي، پر اهي ساڳيا ئي جهموريت پسندي جا دعويدار ارڙھين ترميم امينڊمينٽ جا سرتاج سڏائيندڙ آمريت جي رستي گامزن آھن، هلندڙ ڏهاڪي ۾ شاگردن سوشل ميڊيا ۽ رابطي جي جديد ذريعن سبب جڏھن شاگرد تنظيمون طاقت پذير ٿيون آھن ته خاص طور ڏيهي سرڪار ڏمر ۽ ڏھڪاءُ جو شڪار پئي ڀانئجي جڏهن ته ارڙھين ترميم ۾ حاصل اختيارن موجب صوبائي بنيادن تي شاگردن يونين جي بحالي جي ڳالهه ته ٺھيو پر تازو سنڌي ميڊيا جي سڏ تي يونيورسٽين جي جاري ڪيل اجازت نامي موجب ثقافتي ڏينهن ملهائڻ بعد سنڌ يونيورسٽي جي ٽيهن کان مٿي شاگردن تي بغاوت ۽ دهشتگردي جا ڪوڙا ڪيس ۽ شوڪاز جاري ڪيا ويا جنهن مان سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻن ضمانت بدران پاڻمرادو گرفتاري پيش ڪري صاحب اقتدار کي للڪار جي رڙ ڪري ڪيس جيل اندران وڙھڻ جو جرئتمنداڻو فيصلو ڪيو ۽ جيل ڀيڙا جنهن کي آئون هن ڏهاڪي جي سياسي تاريخ جو ارڏائپ ۽ تاريخ جو حصو قرار ڏئي سگهجي ٿو. ڳالهه صرف سنڌ يونيورسٽيءَ تي ختم نٿي ٿئي زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي هڪ سئو کان مٿي شاگردن تي ڪيس ۽ حراسمينٽ لياري يونيورسٽي ۽ ڪراچي جي ٻين شاگردن کي پنهنجي ڌرتي جو ڏينهن ملهائڻ کان روڪڻ تي اک ٻوٽ حڪومت ۽ ڪامورا گردي کي وائکو ڪري ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.