ڊاڪٽر عاصم کي اڇي ڪاري جو مالڪ بنايو ويو آهي: قادر مگسي

حيدرآباد ( پ ر )  سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي  چيو  آھي ته اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل فارن فنڊنگ بابت  اسڪرويٽني رپورٽ کان پوءِ عمران سرڪار وٽ ڪو اخلاقي جواز ناھي ته ھو وڌيڪ وقت اقتدار ۾ رھي. ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي چيو ته سنڌ اندر ھڪ دفعو ٻيھر وري لساني بنيادن تي سياست کي زور وٺائڻ جون ڪوششون ڪيو پيون وڃن. جيڪو قابل مذمت عمل آھي سنڌ اھڙي ناپاڪ سازشن کي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪندي. ڪراچي سنڌ جو شھر آھي ان جي ترقي خوشحالي جا اسان خواھشمند آھيون پر ڪنھن کي به اھا اجازت نه ڏينداسين ته اھو سنڌ جي ڪنھن شھر ۾ لساني بنيادن تي نفرتون پکيڙي يا لڪير ڪڌي. ھن چيو ته اسان ڪراچي جي ڪراچي سنڌ آھي امن مارچ جي نالي سان ڏھ ڏينھن ڪراچي جي گھٽي گھٽي ۾ وياسين ڪراچي ۾ رھندڙ ھر ٻولي ڳالھائيندڙ ڀرپور موٽ ڏني ۽ کلي دل سان آجيان ڪري ثبوت ڏنو ته سنڌ جي اندر رھندڙ ماڻھو لساني سياست کي رد ڪن ٿا. ايس ٽي پي سربراهه چيو ته سنڌ حڪومت تعليم جي تباھي لاءِ وسان ڪونه گھٽايو آھي.  جنھن جو ثبوت ڊاڪٽر عاصم حسين جھڙي ڪرپٽ ماڻھوکي  سنڌ 25 تعليمي ادارن جو سربراھ مقرر ڪري کيس اڇي ڪاري جو مالڪ بنائي 5 ارب گرانٽ جاري ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.