عمران فنڊنگ تي استعيفيٰ ڏي، منهنجو فون ڇو ٽيپ ڪيو ويو؟ معافي گهري وڃي: مريم نواز

لاهور(م ڊ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته غير قانوني فنڊنگ جي ڏوهه ۾ عمران خان فوري طور استعيفيٰ ڏئي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم  نواز چيو ته اليڪشن ڪميشن رپورٽ ۾ تحريڪ انصاف فارن فنڊنگ جي حوالي سان وڏا انڪشاف ٿيا آهن، اسٽيٽ بئنڪ موجب پي ٽي آءِ جا 26 اڪائونٽس هئا، 18 اڪائونٽ ايڪٽو هئا، پي ٽي آءِ رڳو 4 ڊڪليئر ڪيا، هنن کي آمريڪا، آسٽريليا، انگلينڊ ۽ ڪئنيڊا مان فارن فنڊنگ ملي، جڏهن ته پاڪستان جي قانون موجب ڪنهن به پرڏيهي ڪمپني کان فنڊنگ نٿي وٺي سگهجي، هن چيو ته عمران خان جو برينڊ سڀني جي سامهون کليل طريقي سان اچي چڪو آهي، هاڻي کيس ڀڄڻ جو موقعو نه ملندو، سندس برينڊ نالائقي، نااهلي، ڪرپشن، ڪوڙ، ڦرلٽ ۽ غير قانوني فنڊنگ آهي، تحريڪ انصاف جهڙتي ڏني ناهي پر ورتي وئي آهي، جيڪڏهن اوهان چور ناهيو ته پوءِ جهڙتي وٺڻ ڇو نٿا ڏيو؟ ڌمڪين ذريعي اليڪشن ڪميشن کي ڇو دٻائي رکيو، هنن ڄاڻي واڻي حقيقتن کي لڪايو، عمران خان پنهنجي پارٽي جو سربراهه هو، سڀ ڪجهه سندس مرضي سان ٿيو، هُن پنهنجي چئن ملازمن جي نالن تي پيسا گهرايا ۽ ان جي اجازت عارف علوي ۽ عمران خان ڏني، عوام چاهي ٿو ته عمران خان جي رهڻ جي هاڻ ڪا به گنجائش ناهي، غير قانوني فنڊنگ جي ڏوهه ۾ عمران خان کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، مريم نواز وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جو امتحان شروع ٿي چڪو آهي، هاڻي عدليا جو به امتحان آهي، جيڪا نواز شريف جي ڪيسن ۾ ڊوڙي ڊوڙي فيصلا ڪري رهي هئي، اسان جو اقامو ڪڍيو ويو، هاڻي ته پوري چوري جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي، هاڻي ڏسڻو آهي ته عدليا ڪهڙو فيصلو ٿي ڪري، اليڪشن ڪميشن دٻاءَ کان انڪار ڪيو ۽ رپورٽ جاري ڪئي، هاڻي اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته تحريڪ انصاف جا سمورا اڪائونٽس عوام جي سامهون آڻي ۽ انهن کي قانون موجب سزا ڏئي ۽ عدالتن مان به اميد آهي ته وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان ۾ به انصاف ملي، مريم نواز چيو ته منهنجو فون ڇو ٽيپ ڪيو ويو، ميڊيا چينل کي ڇو ڏنو ويو؟ ان جو جواب ڏنو وڃي ۽ مون کان معافي گهري وڃي، مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب اڄ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو جواب ڏيڻو هو، روڊن تي ٽوئيٽ نه پرهاڻ ٽوئيٽ صرف استعيفيٰ ڏيڻ جو ڪريو، هاڻ عوام کي اوهان جو ڪوبه ڪوڙ ۽ مڪاري نه گهرجي. ڪوڙن ٽوئيٽس سان روڊ نٿا ٺهن ۽ نه ئي وري پرڏيهي فنڊنگ جو ڌاڙو لڪندو آهي، قوم کي ٻڌايو ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي تلاشي ۾ اوهان چور ثابت ٿيا آهيو، اوهان جن پرڏيهي ڪمپنين ۽ ماڻهن کان ڪيترا ڊالر کاڌا، 2 ارب روپين کان وڌيڪ جي پرڏيهي فنڊنگ جي چوري جو جواب ڏيو، استعيفيٰ ڏيو قانون کي منهن ڏيو.  ٻي طرف احسن اقبال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته عمران نيازي ايمانداري جو ميڪ اپ ڪيو هو اسڪروٽني رپورٽ سندس چهري تان نقاب لاهي ڇڏيو، هي ملڪ جي معيشت تباهه ڪري چڪا آهن، وقت اچي ويو آهي ته قوم فراڊ ڪندڙن جو احتساب ڪري، هوڏانهن راڻا ثنالله خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيان مان واضح ٿي ويو آهي ته فوج جي اندر به اها ڳالهه هلي پئي ته هو غيرجانبدار رهي، خانيوال ۽ پشاور جي چونڊن ۾ مداخلت نه ٿي آهي، جيڪڏهن ادارا غير جانبدار رهن ته حڪومت هڪ مهيني اندر پاڻهي پنهنجي بار سان ئي ڪِري پوندي. هن چيو ته نواز شريف ڪنهن انڊر اسٽينڊنگ لاءِ نه ڪنهن سان ڳالهائي رهيو آهي ۽ نه وري ملڪ ۾ اهڙي ڪا تبديلي چاهي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.