سيڪيورٽي فورسز جون مختلف هنڌن تي ڪارروائيون، 2 دهشتگرد مارجي ويا

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان، ٽانڪ ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ فورسز جي آپريشن ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب فورسز  ڄاڻايل علائقن ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ دهشتگرد فورسز آڳيان هٿيار به ڦٽا ڪيا.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته دهشتگردن سان مقابلي ۾ 2 اهلڪار به شهيد ٿي ويا، جن ۾ سپاهي فريد الله جو تعلق ڪرڪ ۽ سپاهي شعيب حسن جو تعلق ڊيرا اسماعيل خان سان هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.