سانڊي جيان رنگ مٽائيندڙ انوکي ڪانسيپٽ ڪار

گاڏيون ته اوهان گھڻيون ڏٺيون هونديون پر اهڙي نه جهڙي بي ايم ڊبليو تيار ڪئي آهي جيڪا ڪنهن سانڊي جيان رنگ مٽائڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

جي ها لاس ويگاس ۾ ڪنزيومر اليڪٽرانڪس شو جي موقعي تي بي ايم ڊبليو آءِ ايڪس فلو نالي ان ڪانسيپٽ ڪار کي پيش ڪيو آهي.

ان گاڏي لاءِ اي انگ ۾ موجود اليڪٽروفوريٽڪ ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪيو ويو آهي.

ان ٽيڪنالوجي جي مدد سان ان گاڏي جو رنگ لڳ ڀڳ فوري طور تي مٽجي وڃي ٿو؟

آءِ ايڪس فلو ۾ هڪ اسپيشل Wrap موجود آهي جيقي بجلي جي سرگرمي ذريعي گاڏي جي سطح جي رنگن کي مٽائڻ ۾ مددگار آهي.

سانڊي جيان رنگ مٽائڻ جي اها صلاحيت به واهپيدار جي مرضي موجب ڪم ڪندي اُهو چاهي ته سڄي گاڏي جو رنگ مٽائي، جيڪڏهن نه ته اڌ گاڏي جو به مٽائي سگھجي ٿو.

اها ٽيڪنالوجي واهپيدارن کي سندس مرضي موجب گاڏي جو رنگ مٽائڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿي.

آءِ ايڪس فلو پراجيڪٽ جي مئنيجر اسٽِيلا ڪلارڪ ٻڌايو ته اها گاڏي روز جي زندگي جي حالتن ۽ مختلف موڊز جو اظهار ڪري سگھندي.

في الحال اها گاڏي بليڪ، وائيٽ ۽ گري رنگ تبديل ڪري سگھي ٿي.

ڪمپني موجب هڪ فائدو اهو به آهي ته گرم ڏينهن ۾ وائيٽ گاڏيون بليڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿڌيون رهن ٿيون جڏهن ته ٿڌي ڏينهن ۾ گهرو رنگ گاڏين کي سج جي وڌيڪ روشني جذب ۾ مدد فراهم ڪري ٿو.

فوٹو بشکریہ بی ایم ڈبلیو

ان سان ٿڌي يا گرم ڏينهن ۾ ڪولنگ يا هيٽنگ جي شرح ۾ گھٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي ۽ گاڏي جي فائدي ۾ ڪجهه بهتري ايندي.

پر ڪمپني اهو واضح ناهي ڪيو ته مستقبل ۾ ان گاڏي کي عام واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو يا نه.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.