سي اين جي سيڪٽر کي پنهنجي گئس پاڻ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر سينيٽ جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو آهي ته سي اين جي سيڪٽر کي پنهنجي گئس گهرائڻ جي اجازت ڏئي رهيا آهيون.

سينيٽ ڪميٽي ۾ حماد اظهر ٻڌايو ته سي اين جي سيڪٽر کي پنهنجي گئس درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي سمري ڪابينا جي توانائي ڪميٽي ۾ آڻي رهيا آهيون.

ايم ڊي سوئي ناردرن ڪميٽي کي ٻڌايو ته اسان جي گئس نقصانن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي، ڪراچي ۾ غير قانوني عمارتن ۾ گئس ڪنيڪشنز جا مسئلا آهن.

حماد اظهر چيو ته ڪراچي ۾ ساڍا 7 لک غير قانوني گئس ڪنيڪشن آهن.

اوگرا چيئرمين چيو ته غير قانوني ڪنيڪشن سال ۾ 10 ارب مڪعب فٽ گئس استعمال ڪندا آهن، اسان اهو معاملو سنڌ جي وڏي وزير جي علم ۾ به آڻي چڪا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.