چئُه! جو توکي چوڻو آ……

چمبڙ ۾ پوليس جو ظلم

جڏهن سڄي دنيا نئين سال جي آمد جي خوشي ملهائڻ جون تياريون ڪري رهي هئي، تڏهن ضلعي ٽنڊوالهيار جي تعلقي چمبڙ جي ديهھ ٺل ۾ قيامت برپا هئي، معصوم ٻارڙن جون رڙيون آسمان کي چيري رهيون ھيون، ڇو ته انهن جي مائرن کي چمبڙ پوليس ۽ لينڊ مافيا وارن مان جهلي گهلي رهي هئي، عورتن جي وات ۽ نڪ مان رت  وهي رهيو هو، آئون واضع ڪندو هلان ته تعلقي چمبڙ جي ديهھ ٺل جي زمينن تي لينڊ مافيا قبضو ڪرڻ ڪوششون ڪري رهي آھي، جنهن جو مثال آبادگارن جي 283 ايڪڙ زمين جا کاتا تبديل ڪري انهن جي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ آھي،جيئن ڇنڇر جي ڏينهن منجهند کانپوءِ  اسسٽنٽ ڪمشنر چمبڙ، سپروائيزر گل حيدر لنڊ پوليس موبائل سان گڏ آبادگار طارق راجپوت جي زمين تي آيا ۽ چيائون ته اسين زمين جي ماپ ڪرڻ آيا آھيون ته طارق راجپوت کين هاءِ ڪورٽ جو اسٽي آرڊر ڏيکاريو ۽ چيو ته هي منهنجي زمين آھي ۽ هن تي اسٽي آرڊر ٿيل آھي، مون ته ماپ لاءِ درخواست ئي ناهي ڏني، ۽ هن ثبوت طور انهن جي فيس بڪ تي لائيو وڊيو به ڀرڻ لڳو، ته اي سي چمبڙ ۽ ٻيا واپس ويا هليا، اڃان ٿورڙي ئي دير مس گزري ته ست پوليس موبائلون ۽  چار ويگو گاڏين اتي ويٺل طارق راجپوت، سندس ڀاءُ ۽ ساڻس موجود ٽن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي گهيري ورتو، عورتن جي دانهون ڪرڻ تي هڪ سياسي ورڪر دلدار رستماڻي پوليس جي لائيو وڊيو ڀرڻ لڳو ته چمبڙ پوليس جي اهلڪارن انهي کان موبائل ته کسي ورتي پر تڪڙ ۾ لائيو وڊيو بند نه ڪئي.

سموري سنڌ چمبڙ پوليس جو ظلم اکين سان لائيو وڊيو ۾ ڏسي رهي هئي ته پ پ پ اڳواڻ جا غنڊا ۽  پوليس آبادگارن کي گهيرو ڪريو بيٺي هئي ته اوچتو هڪ ٻي گاڏي آئي ۽ ان ۾ سوار هڪ شخص گاڏي مان ٻاهر آيو ۽ چيائين ته هنن سڀني کي گرفتار ڪريو، ته پوليس مردن کي لتون هڻندي گاڏي ۾ اڇلايو ۽ عورتن کي وارن مان جهلي گهليندي رهي ۽ تشدد ڪندي رهي، عورتن جون دانهون آسمان چيري رهيون هيون، عورتن جي وات ۽ نڪ مان رت ڇينڊيون ڪري وهي رهيو ھو، نيٺ پوليس کين مرڻينگ حالت ۾ گرفتار ڪري رواني ٿيڻ لڳي ۽ پ پ پ اڳواڻ جا هٿياربند غنڊا هٿيارن سميت زمين تي قبضو ڪري ويهي رهيا، ۽ چمبڙ پوليس هڪ ٿڃ پياڪ ٻار کي جهنگ ۾ اڇلائي ڇڏيو،

انهي ٻار کي راهه ويندڙن کنيو ، ۽ جڏهن پوليس کي اچانڪ خبر پئي ته اسان جيڪو موبائل کسيو آھي ان ۾ ته مڪمل لائيو وڊيو هلي رهي هئي ته پوليس فيس بڪ اڪائونٽ تان اها وڊيو ڊليٽ ڪري ڇڏي، پر تيستائين هزارين ماڻهو اها وڊيو ڏسي ۽ ڊائون لوڊ به ڪري چڪا هئا، چمبڙ ۽ سموري سنڌ جي باشعور ماڻھن پوليس خلاف سوشل ميڊيا تي ڀرپور ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ۽ اها وڊيو اپلوڊ ڪرڻ لڳا ته پوليس مجبور ٿي انهن مردن ۽ عورتن کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ زبردستي اهو لکرائي ورتو ته اسين پوليس تي ڪيس نه ڪنداسين ۽ ٻني تي نه ڏينداسين، ائين انهي آبادگار جي چاليهه ايڪڙ زمين تي هٿياربند قبضو ڪري ويٺا آھن، آبادگارن طارق راجپوت جي دانهن ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آھي،

ديهھ ٺل جا ٻيا آبادگار جن جي 283 ايڪڙ زمين جا کاتا تبديل ڪيا ويا آھن اهي به پريشاني جو شڪار آھن ۽ چئي رهيا آھن ته هي سڀ ڪم آصف زرداري جي حڪم تي ٿي رهيو آھي، ۽ ونگارو پوليس ته هاءِ ڪورٽ جي حڪمن کي به ٿڏي رهي آھي، هڪ آبادگار ٻڌايو ته اسان جي 283 ايڪڙ زمين جيڪا اسان پئسن سان خريد ڪئي هئي ۽ انهي زمين جون ڍلون به اسان ئي پياري رهيا آھيون هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس به هلندڙ آھي ۽ اسٽي آرڊر به آھي، پر پوءِ به اسان جي زمينن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي،اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ جي باوجود به چمبڙ جا صحافي دوست انهيءَ واقعي تي چپ جو روزو رکيو ويٺا آھن، ڪنهن هڪ به نيوز نه هلائي، سوشل ميڊيا تي وڊيوز ڏسي ٽنڊوالهيار مان ته نيوز هليون پر چمبڙ جي ڪنهن به صحافي دوست نيوز نه هلائي،آئون هن آرٽيڪل وسيلي انهن دوستن کي عرض ڪندس ته زندگي موت خدا جي وس ۾ آھي ڪير نه ته ڪنهن کان رزق کسي سگهي ٿو ۽ نه ئي کين موت ڏيئي سگهي ٿو سو اوهان کي به ڪنهن ڊپ ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه آھي، آخر ۾ آئون سنڌي قوم کي مخاطب ٿي ڪري چوندس ته خدارا ڪجهه اک پٽيو، پاڻ ۾ متحد ٿيو، هڪٻئي جا ڀرجهلا ٿيو نه ته ائين ئي سموري سنڌ تي قبضو ٿي ويندو ۽ اسان جا ٻچا روڊن تي پنندي نظر ايندا..

                                   ذوالفقار کوسو

دادو ضلعي ۾ بدامني جو ذميوار!

چوندا آهن جتي باهه لڳي اها جاءِ سَڙي، پَر جتي باهه لڳل هجي ۽ ان تي ڪير تيل هاري ته اها باهه اڃا وڌيڪ خطرناڪ ٿيندي، هن وقت دادو ضلعي جي حالت بلڪل اهڙي ٿي وئي آهي جو لڳل باهه تي پاڻيءَ بدران روزاني ان تي تيل هاري ضلعي جي رهواسين لاءِ ڌَرتي تنگ ڪئي وئي آهي، اهو ڪم ڪنهن ٻيئي جي ٿوري سان نه پَر پوليس جي مدد سان ٿيئي پيو، اڳوڻي ايس ايس پي جي هوندي امن امان جي حالت خراب هئي اها باهه لڳل ئي هئي ته بعد ۾ آيل ايس ايس پي اها باهه وسائڻ بدران ان تي پاڻي هاريو، جنهن دادو ضلعي جي شهرن، ڳوٺن، آبادين، گهٽين جا نالا عظيم ۽ امُن پسند ماڻهن جي نالن سان منسوب ٿيل هجن اڄ اُن دادو ضلعي جي شهرن کي پوليس چورن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ضلعي جو هر شهر، ڳوٺ، روڊ، پاڙو، گهٽي چورن جي رحم ڪرم تي آهي، موجوده ايس ايس پي نالي ماتر مقرري سان اصل ۾ سڄي ضلعي جي چارج ئي چورن، ڏوهارين حوالي ڪئي وئي آهي جن تَر تپائي ڏنو آهي، دادو ضلعي هيڊ ڪوارٽر شهر سميت ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ جوهي وچ شهرن مان هر مهيني لکين روپين جي ڦُر ڏينهن ڏٺي جو عام ٿي وئي آهي، ضلعي هيڊ ڪوارٽر شهر سميت هر ننڍي وڏي شهر، ڳوٺ مان ڏينهن ڏٺي جو روزاني ميڊيائي رڪارڊ موجب 5 موٽرسائيڪلون ڦُر ٿين ٿيون، ان کان علاوه رات جي وقت ڪنهن به لنڪ روڊ تي پوليس پڪٽ نه هجڻ ڪري رات جو ايمرجنسي ۾ نڪرندڙن کي هٿيارن جي زور تي روڪي ڪلاڪن جا ڪلاڪ يرغمال ڪري ڦُر لُٽ ڪرڻ سميت تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو جنهن جو فرياد ته ٿئي ٿو پر داد نٿو ٿئي.

ايس ايس پي جي مقرري بعد ضلعي ۾ هر هفتي هڪ ئي ڌَڪ 20 کان 25 لکن روپين جي ڦُر به هاڻي ڏوهارين لاءِ ”رواجي“ ٿي وئي آهي، حالت اها آهي جو پوليس پڪٽون ته ختم ٿي ويون پر ٿاڻن جي نفري کي به پيسن عيوض ”آرام“ ڪرايو ويو آهي، ايس ايس پي ويزا جو دڪان کولي ويزا سسٽم کي باقائدي هٿي وٺرائڻ ۾ وسان ناهي گهٽايو، ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني، ڏينهن ڏٺي جو ڦُر، لُٽ، رشوت کان علاوه ڪيس داخل نه ٿيڻ جون دانهون جاري آهن پر ان سڄي وارتا تي چونڊيل نمائندا ايئن خاموش آهن ڄَڻ هُنن عوام جي حقن جي قانوني سازي جو حلف نه کنيو هجي، نااهل ايس ايس پي جي مسلسل خاموشي سان گڏ تڪ جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز به ايس ايس پي ۽ ڏوهارين جا ڄَڻ ته ٻانهن ٻيلي بڻيل آهن جن کي عوام جي دانهن، تڪليفن، نقصانن جو ڪو اونو ڪونهي، دادو ضلعي جي شهرين جي جسم تي ڏوهارين جا وار جاري آهن، لکين روپيا، موٽرسائيڪلون ته عام ڦُر بڻجي ويون آهن پر هاڻي ڏوهارين پوليس جي ڀرپور مدد سان باقائده روڊ جهلي ڇڏيا آهن، ڌامراهه کان ويندي پير شاخ، ڪورائي ٿاڻي کان ويندي جوهي ڪاڇي جي ٿاڻن تائين سمورن ٿاڻن تي مقرر پوليس ڊيوٽي کان آجي آهي ۽ چارج ڏوهارين جي حوالي آهي، دادو ضلعي جي تاريخ ۾ ضلعي ۾ بدترين خراب امن امان جو ذميوار سڌيءَ ريت موجوده ايس ايس پي آهي.

درياءُ خان جهتيال

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.