ماڙيپور ۾ دستي بم حملي جو ڪيس لياري ٿاڻي تي داخل!

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ماڙيپوڙ روڊ تي نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن پاران پوليس اهلڪار کي دستي بم سان حملو ڪري سخت ڪرڻ واقعي جو ڊراپ سين پوليس پاران واقعي لياري جو ڪيس لياري جي ٿاڻي تي داخل ڪري ڇڏيو پوليس جو چوڻ آهي ته دستي بم پوليس اهلڪار عمران جي گهر ڦاٽو آهي جنهن جي ڪري هو سخت زخمي ٿي پيو پوليس موجب پوليس اهڪار عمران پنهنجي گهر سنگولين چاڪيواڙه ۾ پهرين منزل تي پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو هو ته گهر ۾ موجود 12 سالن جي نينگر حمزه کيس ڊيٽونيٽر جهڙي شيء کڻي اچي ڏني هن پوليس اهلڪار کي چيو ته ٻاهر ڪي ماڻهون هي ڏئي ويا آهن پوليس موجب پوليس اهڪار عمران چيو ته مان جئين ئي ڊيٽونيٽر کي چيڪ ڪيو ته ڦاٽي پيو ،پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو .جڏهن ته گذريل ڏينهن واقعو ماڙيپوڙ روڊ شير شاهه ٿاڻي جي حد ۾ ڄاڻايو ويو هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.