شادين جي موسم سبب وائرس پکڙجي رهيو آهي: عذرا پيچوهو

ڪراچي (م ڊ) سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو چيو آهي ته شادين جي موسم سبب وائرس پکڙجي رهيو آهي، هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي عذرا پيچوهو چيو ته اسان وٽ ڊيلٽا وائرس آهي ۽ اومي ڪرون امپورٽ آهي، جڏهن ته اومي ڪرون جي پکيڙ وڌيڪ آهي، هن چيو ته اسان شروعات ۾ ڊريپ کي ويڪسين خريد ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، ڊريپ اڃا تائين ويڪسين جي خريداري جي اجازت نه ڏني آهي، وفاقي حڪومت ويڪسين فراهم ڪري رهي آهي ان ڪري اسان کي اڃا ان کي ٻاهران گهرائڻ جي ضرورت ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.