فنڊنگ بابت جي آءِ ٽي جو مطالبو، پي ٽي آءِ بچي نه ٿي سگهي: پيپلز پارٽي

اسلام آباد( م ڊ) پيپلز پارٽي جي سينيٽرن پي ٽي آءِ فارين فنڊنگ ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته هاڻ پي ٽي آءِ بچي نه ٿي سگهي. سينيٽر مانڊوي والا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٿي سگهي ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ  نئين جماعت رجسٽر ڪرائي. هن چيو ته پ پ کان سواءِ ڪا پارٽي ناهي جيڪا پرڏيهي فنڊنگ نه وٺندي هجي. پ پ لاءِ بئنڪ وارن لکي ڏنو ته پرڏيهي فنڊنگ نه ٿي وٺي. ان موقعي تي سينيٽر پلوشه خان چيو ته پي ٽي آءِ کي فنڊ ڏيندڙن جي سڃاڻپ ٿيڻ به ضروري آهي  ته ڇو اهي پرڏيهي عمران خان کي فنڊنگ ڪري رهيا هئا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.