مخالف ڌر عمران خان کي هر صورت ۾ بدديانت قرار ڏيڻ چاهي ٿي: حماد اظهر

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر  چيو آهي ته مخالف ڌر جي خواهش آهي ته وزيراعظم عمران خان کي ڪنهن به طرح پاڻ جهڙو بدديانت ثابت ڪن پر خان صاحب کي ملڪ جي سڀ کان اعلى عدالت به صادق ۽ امين قرار ڏئي چڪي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ماڻهو پنهنجا اربين روپيا هر سال عمران خان تي اعتماد ڪري شوڪت خانم اسپتال کي ڏيندا آهن.

  • فنڊنگ رپورٽ صادق ۽ امين جو پردو چاڪ ڪري ڇڏيو: شهباز شريف

لاهور ( م ڊ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي فارين فنڊنگ رپورٽ عمران خان تي فرد جرم آهي. رپورٽ صادق ۽ امين جو پردو چاڪ ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ تي ردعمل ڏيندي شهباز شريف چيو ته سچائي خاص انداز ۾ ماڻهن کي وائکو ڪندي آهي، رپورٽ عمران تي فرد جرم آهي. هن چيو ته سڀ سمجهي ويا ته پي ٽي آءِ 7 سالن کان ڇو ڪيس کان ڀڄي رهي هئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.