ڪراچي ۾ پاڻ کي ميجر سڏائي بليڪ ميل ڪندڙ گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي جعلي ميجر کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جعلي ميجر علائقي ۾ پاڻ کي پاڪستان آرمي جو ميجر ظاهر ڪري ماڻھن کي بيلڪ ميل ڪندو هو، جوابدار جاچ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته هو ڪائنات نالي عورت سان گڏجي جعلي ڪارڊ ٺاهيندا هئا، شهرين کي ۽ سرڪاري آفيسرن کي بليڪ ميل ڪري پنهنجا مقصد حاصل ڪندا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.