سکر پوليس جون ڪارروايون، 27 جوابدار گرفتار

سکر(رپورٽر) ايس ايس پي سکر جي هدايت تي سکر پوليس پاران ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي 27 جوابدارن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، ان ڏس ۾ ايس ايڇ او روهڙي هڪ ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي جوا جي اڏي تي چاپو هڻي 11 جوارين شاهد علي، غلام سرور، لياقت علي، ملازم علي، اشرف علي، احسان علي، خادم، قاسم، جاويد کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، هوڏانهن ايس ايڇ او اي سيڪشن حد ۾ ڪاروائي ڪندي شراب فروش جوابدار فرحان قريشي کي گرفتار ڪري شراب جون 6 بوتلون هٿ ڪري جوابدار تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ايس ايڇ او ايئرپور هڪ ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي جوا جي اڏي تي چاپو هڻي 13 جوارين کي گرفتار ڪري روتو آهي، هوڏانهن ڪامياب ڪارروائي تي ايس ايس پي سکر پوليس پارٽي لاءِ شاباش جو پيغام جاري ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.