ڪلوئي تعلقي ۾365 اسڪول بند، تعليم تباهه، احتجاج

ڪلوئي (رپورٽ:نواز بلوچ) ڪلوئي تعلقي جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ ڪمھالو ڪلوئي فارم منٺار ھالو ساروھوڙ سميت ھڪ سئو کان مٿي اسڪول بند آهن جڏهن ته نياڻين جي تعليم لاءِ پڻ ڪو اسڪول ناھي جنهن ڪري نياڻين جي تعليم پڻ سخت متاثر آھي ان سلسلي ۾گڏ ڪيل ڄاڻ موجب ڪيترائي اسڪول بند هئڻ ڪري سوين شاگرد تعليم جھڙي زيور کان محروم بڻيل آهن ھتي جي رھواسين تعليم جي وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪلوئي تعلقي جي بند اسڪول کولي ھتي جي شاگردن جي تعليم تباھ ٿيڻ کان بچائي وڃي. ٻئي طرف ٽي اي او ڪلوئي کنکھار سنگهه مھر عوامي آواز پاران رابطو ڪرڻ تي ٽي اي او ڪلوئي چيو ته تعلقي ڪلوئي ۾ ٽوٽل 3 سئو پنجهٺ اسڪول آھن جن مان ٻه سئو اسڪول ھلندڙ آھن باقين بند آھن واضح رهي ته ڪلوئي تعلقي جي مختلف ڳوٺن۾ڪيترائي اسڪول وڏيرن جون اوطاقون مال جا واڙا بڻيل آهن جتي تعليم کاتي جي آفيسرن ڪڏهن وڃڻ جي زحمت نه آهي ڪئي ھتي جي رھواسين تعليم کاتي جي بالا آفيسرن کان ڪلوئي جي تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. هوڏانهن ڳوٺاڻن خدابخش لنڊ، مرچو کٻڙ، عزيز ۽ ٻين سيشن جج ٿرپارڪر تعليم کاتي جي آفيسرن کان مطالبو ٿا ڪريون ٿا  اسان جي اسڪولن م استاد مقرر ڪري نااهل ڪرپٽ آفيسرن مان جان ڇڏائي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.