ملير ۾ پوليس ڪارروائي، 4 جوابدارگرفتار

ملير (ڊ ر) شرافي ڳوٺ پوليس مختلف علائقن ۾ ڪاروائي ڪندي چئن جوابدارن شهباز عرف عارف لنگڙا، جواد، سلطان ياسين ۽ اعجاز کي گرفتار ڪري سندن وٽان غير قانوني هٿيار، آئس، چرس، گٽڪو ماوا ۽ ڦر ڪيل موٽر سائيڪلون هٿ ڪري ورتيون آهن، ان حوالي سان ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر صحافين کي ٻڌايو ته گرفتار ٿيل جوابدار شهباز عرف عارف لنگڙا پوليس اهلڪار تي فائرنگ سميت ٻين سنگين ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو، جوابدار شهباز شرافي ڳوٺ ۾ آئس ۽ چرس وڪرو ڪرڻ ۾ به ملوث آهي، جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ پڇا ڳاڇا لاءِ جاچ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هٿ ڪيل هٿيار فارنزڪ لاءِ روانو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.