نوشهري ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني، پريس ڪلب ۽ ڪيترن ئي دڪانن مان چوري، احتجاج

نوشهرو فيروز / ھالاڻي   (  ڊر + ن ع آ  ) ھالاڻي ۾ چورين ۽ ڦرن جو آزار وڌي ويو پوليس جي نااهلي سبب ڏينهن توڙي رات چوريون ڦرون روز جو معمول بڻجي ويون،  چورن  پريس ڪلب ۽ صحافين جي دڪانن  کي به نه بخشيو پريس ڪلب  ھالاڻي کي رات نامعلوم چورن کاٽ ھڻي پريس ڪلب ۾  پيل سامان ايل سي ڊي، رسيور ۽ ڪئميرائون ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا،  جڏھن ته ساڳي رات صحافي سچانند بجاج جي دڪان  جي ڇت ڀڃي  ھزارين روپين جو سامان ۽ روڪ رقم ٻهاري ويا، پريس ڪلب هالاڻي ۽ صحافي جي دڪان مان ٿيل چوري ۽ پوليس جي نااهلي  خلاف پريس ڪلب ھالاڻي آڏو صحافين ۽ شھرين بچل ھنڱورو ،  ظفر اعواڻ، طارق جان سھتو ،اعجازصخيلي،ادريس سھتو، نثار انصاري،  عجب لاشاري ،علي شير سومرو، شفيق قريشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب ھالاڻي آڏو سخت احتجاجي مظاھرو ڪري  ڌرڻو ھنيو ھن مظاھري کي خطاب ڪندي صحافين چيو ته ھالاڻي ۽ آسپاس رات توڙي ڏينهن جو چوريون ،ڌاڙا  ۽ ڦرون  روز جو معمول بڻجي ويا  آھن،  ھاڻي ته صحافي ۽ پريس ڪلب به غير محفوظ بڻجي ويا آهن هڪ ئي رات ۾ پريس ڪلب سميت صحافي سچانند بجاج ، صحافي غلام مصطفي مغل جي دوڪانن جون ڇتيون ٽوڙي روڪ رقم ۽  قيمتي سامان چوري ڪري ويا آھن جڏھن ته ساڳي رات زاھد سومرو کان به تنيابقا شاھ لنڪ روڊ تان نامعلوم ڦورن سي ڊي موٽرسائيڪل ،روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.