ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جو مڪاني بل خلاف پنجين ڏينهن به ڌرڻو

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ جن ماڻهن کي هن شهر جي حڪمراني ملي انهن هن جو سودو ڪيو ،اهڙو اظهار هن سنڌ اسيمبلي ٻاهران ڌرڻي جي پنجين ڏينهن شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو، سنڌ اسيمبلي ٻاهران اسان جو احتجاجي ڌرڻو پنجين ڏينهن به جاري آهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي گذريل 14 سالن کان سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي، انهن 14 سالن ۾ هڪ ڊپارٽمينٽ جو نالو ڏيو جيڪو ماڊل هجي، هن وڌيڪ چيو ته جڏهن ڪراچي جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي ته سڄي پاڪستان کي آواز اٿارڻ گهرجي، ٽرانسپورٽ ۽ سٺا رستا ملڻ اسان جي ٻارن جو حق آهي، جماعت اسلامي ڪراچي جي امير اهو به چيو ته ڪراچي ۾ اسان جي ٻارن کي نوڪريون ڇو نٿيون ملن، لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2021ع ۾ وڌيڪ حق کسيا ويا آهن ۽ آئين ۾ موجود اختيار به کسي ويا آهن.هوڏانهن جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ڪراچي جي حقن لاءِ جاري ڌرڻي جي حمايت ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي صلاح ڏني ته ڪراچي جي صورتحال کي سنڀالڻ جي لاءِ سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪن ته ڪراچي جي صورتحال تي جماعت اسلامي سان ڳالهيون ڪيون وڃن،هن چيو ته ڪراچي ۽ سنڌ هڪ آهن. ڪراچي سنڌين، بلوچن، پختونن، ڪشميرين ۽ پنجابين جو گڏيل شهر آهي ۽ مني پاڪستان پڻ. پورٽ سٽي جي ترقي کانسواءِ نه سنڌ ترقي ڪري سگهي ٿي ۽ نه ئي پاڪستان. سنڌ حڪومت پنهنجي ضد ڇڏي رواداري ۽ برداشت جو مظاهرو ڪري جمهوريت جو ثبوت ڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.