ڪراچي ۾ اومي ڪرون جا ڪيس وڌي ويا، ڪاروبار محدود ڪرڻ ۽ اسڪول بند ڪرڻ جي سفارش

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ اومي ڪرون جي ڪيسز جو انگ 148 تائين پهچي ويو آهي. ڪيسز ۾ تيزي سان واڌ کان پوءِ صحت کاتي سنڌ حڪومت کي ڪاروباري وقت محدود ڪرڻ ۽ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جي صحت کاتي جي تازي رپورٽ موجب ڪراچي ۾ اومي ڪرون جا 148 ڪيسز سامهون آيا آهن. آغا خان اسپتال ۾ 139 ۽ ڊائو اسپتال ۾ 9 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. جڏهن ته ضلعي سائوٿ ۾ 39، شرقي ۾ 23، ايئرپورٽ ۾ 21 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. ان کان علاوه ملير، ڪورنگي، غربي ۽ سينٽرل ۾ 8 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، تصديق ٿيل ڪيسز 101 ۽ شڪي ڪيسز جو انگ 47 آهي. هوڏانهن ڪورونا ڪيسز ۾ به تيزي سان واڌ ٿيڻ لڳي آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي صحت کاتي ڪاروباري وقت محدود ڪرڻ جي سنڌ حڪومت کي سفارش ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب مختلف ضلعن ۾ اسڪول بند ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي، ان حوالي سان ٻن ٽن ڏينهن دوران فيصلي جو امڪان آهي. ڪراچي ۾ هاڪاري ڪيسز جي شرح 8.91 تائين پهچي وئي آهي. گذريل ڏينهن 2650 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 236 ماڻهن ۾ ڪورونا جا هاڪاري ڪيس سامهون آيا آهن، ٻئي طرف سنڌ جي تعليم کاتي طرفان نئون تعليمي سال پهرين اپريل 2022 کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. تعليم کاتي هلندڙ سال 2022 ۾ تعليمي سرگرمين بابت شيڊول تيار ڪري ورتو آهي. تعليم کاتي پاران جاري ڪيل تفصيلن موجب پهرين کان اٺين ڪلاس جا ساليانا امتحان 10 کان 20 مارچ تائين ٿيندا. جڏهن ته ميٽرڪ جا ساليانا امتحان 10 مئي کان شروع ٿيندا. انٽرميڊيٽ جا امتحان 18 جون کان ورتا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.