مسجد ڊاهڻ جو فيصلو واپس وٺڻ کان انڪار، قبضن لاءِ مذهب استعمال ڪيو پيو وڃي: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ۽ جسٽس قاضي امين تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ وڊيو لنڪ جي ذريعي طارق روڊ تي ٺھيل مدينه مسجد کي ڊاهڻ کان روڪڻ جي حڪومتي درخواست رد ڪري ڇڏي آھي، اٽارني جنرل خالد جاويد خان طارق روڊ تي ٺھيل مدينه مسجد ڊاهڻ واري حڪم تي نظرثاني جي درخواست ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ کي 28 ڊسمبر جي حڪم تي نظرثاني جي درخواست ڪئي وئي ھئي.اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم سان مذهبي ڇڪتاڻ پيدا ٿي رهي آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ته مسجد لاءِ متبادل زمين فراهم ڪري سگھي ٿي.خالد جاويد خان چيو ته مسجد ڊاهڻ جي حڪم تي ڪيترائي سوال اٿاريا پيا وڃن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل صاحب اسان پنهنجي اکين سان اهو پارڪ ڏٺو آهي .جسٽس قاضي امين چيو ته زمينن تي قبضن ۾ مذهب کي استعمال ڪيو پيو وڃي، توهان حڪومت جا نمائندا آهيو، توهان چاهيو ٿا ته آسمان ڪري پوي پر حڪومت نھ ڪري، چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ان طرح فيصلن کي واپس وٺڻ شروع ڪندي ته عدل جو نظام متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي، پارڪ تان حددخليون هٽائڻ جو حڪم واپس نه ٿيندو، جيڪڏهن عدالت کي پنهنجا ڪيل فيصلا واپس وٺڻا آهن ته پوءِ ان سڄي ڪارروائي جو ڪهڙو فائدو؟ جسٽس قاضي امين رمارڪس ڏيندي چيو ته قبضن تي مسجد جي تعمير غيرمذهبي قدم آهي ۽ اسلام انهن قدمن جي اجازت نٿو ڏئي، هن چيو ته جيڪڏهن مسجد اڏڻي آهي ته پنهنجي کيسي مان ڪريو، سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري مسجدن جي اڏاوت کي ڪنهن به طور تي جائز قرار نٿو ڏئي سگهجي، سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي 13 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.