ڪشمور لڳ ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر.1 ڄڻو فوت

ڪشمور(ڊ ر)ڪشمور گريڊ اسٽيشن آڏو انڊس هاءِ وي تي روڊ حادثو ٽرالر جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ اوٻاوڙو واسي 14 ورھين جو نوجوان صدام ڪلھوڙو فوت ٿي ويو ڪشمور پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر تحويل ۾ ورتو فوت ٿي ويل نوجوان جو لاش ڪشمور جي تعلقه سول اسپتال منتقل ڪيو ويو ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو حادثي ۾ فوت ٿي ويل نوجوان ديراموڙ ۾ قائم ھيئر ڪٽنگ سيلون تي ڪم ڪندو هو ديرا موڙ کان ڪشمور شهر طرف ايندي ٽرالر جي ٽڪر لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت ٿي ويو وارثن کي اطلاع ملڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.