هالا مان سياسي سماجي ورڪر بچل مغل ٽن ڏينهن کان گم

هالا (ن ع آ) هالا مخدوم هائوس هالا جو قريبي، سروري جماعت جو اڳواڻ، اڳوڻو ڪائونسلر ۽ سماجي ورڪر محمد بچل مغل ٽن ڏينهن کان  پراسرار طور گم ٿي ويو، بچل مغل جي ٽن ڏينهن کان واپس گهر نه پهچڻ تي گهر جا ڀاتي پريشان ۽ سندس جلد کان جلد واپس ورڻ لاءِ قرآن پاڪ جو ورد شروع. ان سلسلي ۾ پراسرار طور گم ٿيل محمد بچل مغل جي پٽ عبدالباسط مغل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس والد گهروارن کي شهر ۾ ڪم ڪار سان وڃڻ جو چوندي نڪتو جيڪو ٽي ڏينهن گذرڻ جي باوجود به واپس گهر نه پهچڻ تي هن هالا ٿاڻي تي سندس والد جي گمشدگي جي رپورٽ پڻ داخل ڪرائي ڇڏي آهي هن ٻڌايو ته هنن سندس والد جي ٽن ڏينهن کان هر هنڌ ڪافي ڳولا ڪئي آهي مگر سندس ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي. هن ٻڌايو ته بابا جي گم هجڻ تي ساڻن مخدوم جميل الزمان،مخدوم سعيد الزمان،مخدوم احمد الزمان جن پڻ سندن رابطي ۾ آهن. ٻئي طرف هالا ٿاڻي تي محمد بچل مغل جي گمشدگي جي رپورٽ داخل هجڻ تي ايس ايڇ او هالاشاهد عثمان ملڪ محمد بچل مغل جي رهائش گاهه تي پهچي فريادي پٽ عبدالباسط مغل، سميت سندس ڀائرن سان ملاقات ڪندي کانئن مڪمل تفصيل معلوم ڪندي کين همت ڏيندي چيو ته انشاء الله هو پنهنجي پوري ڪوشش ڪندي محمد بچل مغل کي تمام جلد ورائڻ لاءِ ڪوشش ڪندي کيس سندس وارثن سان ملايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.