سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ڌام ڌوم سان ملهائينداسين

ڄامشورو (ڊ ر)جيئي سنڌ تحريڪ ڄامشوري ضلعي جي صدر انور بڙدي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته 17 جنوري تي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 118 هين سالگره سن ۾ سيد جي مزار ڀرسان ملهائي ويندي ان حوالي سان جست ڄامشورو ضلعي جو اجلاس ٿيو آهي جنهن ۾ ضلعي پاران تياريون ڪيون پيون وڃن، 15 جنوري کان ڄامشوري سميت سن کي سائين جي ايم سيد جي تصويرن پينا فليڪس ۽ ڳاڙهن جهنڊن سان سينگاريو ويندو، ڄامشورو مان 17 جنوري تي منجهند جو هڪ وڳي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سورهيه سنڌي جي اڳواڻي ۾ مرڪزي قافلو نڪرندو، سائين جي سالگره ۾ شرڪت ڪرڻ لاء سياسي سماجي اڳواڻن ۽ صحافين کي دعوتون پڻ ڏنيون پيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.