راضي ديرو ڀرسان گهر کي باهه، متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل

راضي ديرو (رپورٽ:خالد حسين کهڙو ) راضي ديرو ڀرسان ڳوٺ عيسا ملاح  ۾ پورهت نثارعلي ملاح جي گهر کي اوچتو باهه لڳي وئي جنهن سبب گهر جو الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو متاثر کليل آسمان هيٺ وسوارن  کان مدد جي اپيل رپورٽ موجب  راضي ديرو لڳ   ڳوٺ عيسا ملاح  ۾ پورهيت نثار ملاح جي گهر کي اوچتو گهر جي چلهھ جي چڻنگ مان باهه لڳي وئي جهن سبب نثار ملاح  گهر ۽ گھر ۾ پيل مڪمل سامان ھنڌ کٽون ڪپڙا  اناج ۽ ٻيو ڪيتروئي قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو باهه تي ڪنٽرول نه ٿيڻ جي ڪري ڀر واري گهر کي به باھ پڻ وڪوڙي وئي باربار اطلاع ڏيڻ باوجود فائر برگيڊ نه پهتي  ٻنهي گهرن ۾ رکيل الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو متاثر کليل آسمان هيٺ  ويٺل وس وارن کي مدد جي اپيل ڪئي وئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.