ملڪ ۾ غير معياري ۽ جعلي دوائن جي ڀرمار جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ غير معياري ۽ جعلي دوائن جي ڀرمار جو انڪشاف ٿيڻ کان پوءِ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي 12 غير معياري دوائن جي رجسٽريشن رد ڪري ڇڏي.

ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي طرفان غير معياري دوائن جا 108 ڪيس رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي غير معياري دوائن جا 108 ڪيس رجسٽرڊ ڪيا آهن جڏهن ته پنجاب حڪومت غير معياري دوائن جي خلاف 2960 ڪيس رجسٽرڊ ڪيا آهن.

غير معياري ۽ جعلي دوائن بابت قومي صحت بابت وزارت سينيٽ اجلاس ۾ لکت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.

لکت جواب ۾ صحت واري وزارت جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ 100 جعلي دوائن جا ڪيس ۽ 465 ايف آءِ آر داخل ٿيون جڏهن ته سنڌ ۾ 64 ڪيس رجسٽرڊ ڪيا ويا جن مان 9 تي جاچ جاري آهي ۽ جعلي دوائن جا 8 ڪيس رجسٽرڊ ڪري 6 جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

صحت وزارت پنهنجي جواب ۾ سينيٽ کي آگاهه ڪيو ته خيبرپختونخواهه ۾ جعلي ۽ غير معياري دوائن جا 508 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا آهن جن مان 111 ايف آءِ آر داخل ۽ 6026 ڪيس ڊرگ ڪورٽس موڪليا ويا آهن.

صحت وزارت موجب بلوچستان ۾ غير معياري ۽ جعلي دوائن جا 64 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا، اسلام آباد ۾ 14 ڪيس جڏهن ته آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ غير معياري دوائن جا 161 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا آهن.

صحت وزارت جي لکت جواب ۾ چيو ويو آهي ته انهن ڪيسن مان 9 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.