ياسمين راشد پٽ سميت ڪورونا وائرس جو شڪار

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسين راشد به ڪورونا وائرس ۾ وٺجي وئي.

ترجمان موجب ڪورونا جي سڃاڻپ کانپوءِ ڊاڪٽر ياسمين راشد پاڻ کي گهر ۾ قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.

ترجمان ٻڌايو ته ياسمين راشد اڄ ڊينگي بابت اجلاس ۾ شريڪ هئي، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري به موجود هو، اجلاس ۾ موجود سڀني ماڻهن جي ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ جو چيو ويو آهي.

هوڏانهن ياسمين راشد چيو ته پٽ آمريڪا مان پهچڻ تي ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي جيڪا هاڪاري آئي ته مان به ٽيسٽ ڪرائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.