جسماني وزن ۾ گھٽتائي سان ڪورونا جي سنگين پيچيدگين جو خطرو گھٽجي ٿو: تحقيق

وڌيڪ جسماني وزن وارن ماڻهن ۾ ڪووڊ 19 مان متاثر ٿيڻ تي بيمارين جي سنگين پيچيدگين ۽ موت جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي، پر وزن ۾ گھٽتائي آڻي ان خطري کي گھٽائي سگھجي ٿو.

اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ نئين تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

ڪليو لينڊ ڪلينڪ جي هڪ تحقيق ۾ اشارو ڏنو ويو آهي ته جسماني وزن ۾ نمايان گھٽتائي آڻڻ ڪووڊ 19 سان وڙهڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿو.

ان تحقيق ۾ 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي آهي.

تحقيق جو بنيادي مقصد اهو جائزو وٺڻ هو ته ٿولهه جو شڪار ماڻهو جيڪڏهن ڪووڊ متاثر ٿيڻ کان اڳ جسماني وزن ۾ گھٽتائي آڻي ته بيماري جي پيچيدگين جو خطرو ڪيتري حد تائين گھٽ ٿي سگھي ٿو.

تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته بيماري کان اڳ سرجري ذريعي جسماني وزن ۾ گھٽتائي ڪندڙ ماڻهن ۾ ڪووڊ 19 جي سنگين پيچيدگين جو خطرو 60 سيڪڙو تائين گھٽجي ويو.

محققن ٻڌايو ته نتيجن مان ثابت ٿئي ٿو ته ٿولهه جو شڪار ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي جسماني وزن کي ڪورونا مان بيماري ٿيڻ کان اڳ گھٽتائي آڻين ته سنگين پيچيدگين جو خطرو نمايان حد تائين گھٽجي وڃي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.