ريئل مي پاران نئين سال جي نئين سيريز جا موبائل فونز پيش ڪرڻ جو اعلان

ريئل مي 2022ع جي شروعات جي ٽي 20 سيريز جي فونز سان ڪري رهي آهي جن کي اڄ متعارف ڪرايو ويندو.

ڪمپني جي نائب صدر شو چي سوشل ميڊيا سائيٽ ويبو ۾ هڪ پوسٽ ۾ فونز متعارف ڪرائڻ جي تاريخ جي تصديق ڪندي ڪجهه فيچرز تي به روشني وڌي آهي.

اها سيريز امڪاني طور تي 2 فونز جي ٽي 2 ۽ جي ٽي 2 پرو تي ٻڌل هوندي.

ويبو پوسٽ موجب فونز ۾ فرنٽ تي 32 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا هوندي جڏهن ته بيڪ تي 50 ميگا پڪسل ڊوئل ڪيمرا هونديون ۽ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اهي فونز فليگ شپ فونز جهڙي فوٽوگرافي جوڳا هوندا.

ان پوسٽ مان اشارو به ملي ٿو ته جي ٽي 2 ۾ 2k  اموليڊ ڊسپلي هوندي جڏهن ته بيزل نه هجڻ برابر هوندا.

ان کان اڳ ليڪس ۾ ٻڌايو ويو هو ته جي ٽي 2 پرو ۾ ڪوالڪوم جو نئون فليگ شپ سنيپ ڊراگون 8 جنريشن 1 پراسيسر ڏنو ويندو ۽ بيڪ تي 3 ڪيمرائون هونديون جن مان ٻه 50، 50 ميگا پڪسل سينسرز سان ليس هونديون.

فون جي مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل سوني آءِ ايم ايڪس 766 سينسر سان ليس هوندي جنهن سان گڏ آپٽيڪل اميج اسٽبلائيزيشن سپورٽ ڏني ويندي جڏهن ته الٽرا وائيڊ لينس 150 ڊگري تائين تصوير ڪڍي سگھندو.

ٽين 2 ميگا پڪسل مائڪرو اسڪوپ ڪيمرا هوندي.

ٻنهي فونز ۾ اينڊرائيڊ 12 کي ريئل مي يو آءِ 3.0 سان ليس ڪيو ويندو جڏهن ته پرو ورجن جي قيمت 5 هزار يو آن (هڪ لک 38 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) تائين ٿي سگھي ٿي يعني اهو ڪمپني جو مهانگو ترين فون به هوندو.

ريئل مي طرفان فون جي اسپيشل ايڊيشن لاءِ ڊراگون بال سان به ڀائيواري ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.