سنڌ جي صوفي بزرگ شاهو فقير رند جو ساليانو عرس عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

عمرڪوٽ (ن ع آ) سنڌ جي صوفي بزرگ شاهو فقير رند جو ساليانو عرس مبارڪ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. درگاهه جي گادي نشين حضرت حاجي غلام رسول رند، سيد سائين شفيع محمد شاهه ۽ درگاهه هوت فقير جي سجاده نشين فقير علي بخش ۽ مريدن جي وڏي انگ مزار تي چادر چاڙهي ۽ دعا کان پوءِ عرس جي تقريبن جي باقاعده شروعات ڪئي وئي. درگاهه تي قرآن خواني، مولود شريف ۽ نعتن جي محفل سجائي وئي. ان موقعي تي  شان اولياء ڪانفرنس جو بندوبست ڪيو ويو هو جنهن ۾ مريدن ۽ شاهواڻي رند برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جي صدارت گلزار خليل سامارو جي سجاده نشين پير محمد ايوب جان سرهندي ڪئي جڏهن ته خاص مهمان سنڌ اسيمبلي جو ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ سادات خاندان جي اهم شخصيت ميان حاجي محمد حسن شاهه هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.