راڌڻ ۽ ڀرپاسي ڏوهاري راڄ، شهرين جو احتجاج، ڌرڻو، ٽائرن کي باهه

راڌڻ ( رپورٽ:ھريش ڪمار ) راڌڻ پوليس جي حد ۾ هڪ هفتي ۾ ٿيل 16وراداتن ۾ چور باليشاه مان علي گل چانڊيو جي مينهن قائم شاھ آڳرو لنڪ روڊ تي وقار شاه کان موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ذيشان سميجو کان موٽر سائيڪل ڦر ڪري ويا ڳوٺ رپ ناري ۾ چورصدام گوگاڻي جي مينهن چوري رانگڙ پاڙي  مان چور ارشادعباسي جي موٽر سائيڪل چوري ڪري ويا راشد جانوري جي موٽر سائيڪل وچ شھر راڌڻ مان چاٻي چور ڪاهي ويا جامع مسجد لڳ رٽائرڊ فوجي عزيز علي سومرو جي ڀلي نسل جي ٻڪري چورائي ويا خانزاده پاڙي  مان موٽرسائيڪل سوار سولر ڪمپني وين کان چاليهه هزار ڦر ڪري ويا هٿيار بند پير رياض قريشي جي پمپ تان چار لک ستيتاليهه هزار ڦر ڪري ويا نامعلوم چور ڳوٺ محمد صديق جويو مان غلام عباس جويو جي گهر مان ڍڳي ڪاهي ويا ھٿياربند غني رائيس مل تان چوڪيدار کي يرغمال بڻائي ڏيڍ لک ڦري ويا ڳوٺ پٽيچي مان بيٽري چوري ڪري ويا ڳوٺ ڪرڙ کوسو مان نامعلوم چور سومر کوسو جي موٽر سائيڪل چوري ڪري ويا  رند پاڙي  مان چور رشيد سولنگي جي موٽر سائڪل چوري ڪري ويا ڪالهه  رات ريلوي فاٽڪ ڀرسان عاشق جانوري جي ڀلوڙ مينهن چورائي ويا راڌڻ شاخ ڀرسان ارشاد دلشاد  واڍو کان موٽر سائيڪل  موبائل فونون روڪ رقم ڦر ڪري فرار آگهماڻي روڊ تي ميان ماڇي واسي نديم سولنگي کان موٽر سائيڪل چائنا 2018 روڪ رقم ۽ هڪ بٽڻ واري موبائل ڦر ڪري فرار ساڳي ڳوٺ واسي صدام سولنگي کان 2017.چائنا موٽر سائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ڪالھ صبح جونامعلوم ھٿياربندن جي زورتي راڌڻ ميھڙ روڊ تي گسٽاجي اڳواڻ ضمير حسين ڳورڙکان موٽر سائيڪل روڪ رقم موبائل فرار ٿي ويا بدامني سبب عوام نقل مڪاني لاءِ  مجبور  ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪالهه ريلوي ڦاٽڪ تي لياقت علي جانوري شاهد جانوري جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون جنهن سبب راڌڻ موهن جو دڙو روڊ تي گاڏين جون قطرون لڳي ويون احتجاج ڪندڙن آءِ  جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي کي امن امان قائم ڪرائن ۽ ڏوه روڪرائڻ جي اپيل پڻ ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.