خيرپور ڀرسان چڙهائي،2 ڄڻا گرفتار، ڳوٺاڻن جي مزاحمت، ماڻهو ڇڏائي ورتا

خيرپور( رپورٽ : شاهدنواز سيال )خيرپور ڀرسان ڳوٺ محمد پنھل ڪلھوڙو تي مختلف ٿاڻن جي پوليس جي ڊي ايس پي اڳڙا جي اڳواڻي ۾ چڙهائي ڪري گهرن ۾ ويٺل ٻن ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻن همٿ ڪري ٻنهي ماڻهن کي ڇڏائي ورتو، جڏهن ته ڳوٺاڻن پنهجي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته پوليس جون زيادتيون وڌي ويو آهن بغير ڪنهن ڪيس جي اسان جي گهر ۾ رات دير سان مختلف ٿاڻن جي پوليس چڙهائي ڪري چادر چوديواري  جو تقدس پئمال ڪندي گهرن ۾ ويٺل عورتن مردن ۽ معصوم ٻارڙن جي مٿان تشدد ڪري گهر ۾ پيل سونا زيور قيمتي سامان, 6 ٻڪريون ۽ هڪ موٽرسائيڪل کڻي وئي آهي ۽ اسان جي ٻن نوجوانن مجيب ۽ ناظم ڪلھوڙو کي کنڀي زبردستي موبائيل ۾ وجهي کڻي وڃي رهيا هئا ته اسان ڳوٺاڻن گڏجي پوليس کان ٻئي نوجوان ڇڏائي ورتا، اسان کي شڪ آهي ته پوليس اسان جي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيندي، هنن مطالبو ڪيو ته پوليس اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري کين تحفظ فراهم ڪيو  وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.