گھارو ۾دڪان تي ھٿياربندن جي فائرنگ،ھڪ ڄڻو زخمي

گھارو(ن ع آ)گهاروڪي ڊي اي روڊتي ڪٻاڙجي دوڪان ويٺل مالڪ طاهرجدون تي ٻن نامعلوم هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪئي پر گوليون نه لڳڻ ڪري مٿس جوابدارن لوهي سيخن سان سخت تشددڪري طاھرپٺاڻ کي زخمي ڪرڻ بعدٻئي جوابدارفرارٿي ويا.زخمي ڪٻاڙمالڪ طاهرجدون پٺاڻ کي فوري طور رورل هيلٿ سينٽرآندو ويو.جتان طبي امدادبعدکيس ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو. واقعي جوطلاع ملڻ تي گهارو پوليس جاءِ واردات جومعائنو ڪرڻ بعداسپتال پھچي  واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا ۽ جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪوششون تيزڪري ڇڏيون آھن.ذريعن وٽان واقعي جوڪارڻ پراڻي دشمني ٻڌايوپيووڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.