فضائيا اسڪيم نالي فراڊ ڪيس جي جوابدار کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ  فضائيه هائوسنگ اسڪيم جي نالي تي شهرين کان اربن رپين جي فراڊ ڪيس ۾ مرڪزي جوابدار تنوير احمد کي علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي. عدالت کيس 15جنوري کان 45 ڏينهن تائين امريڪي وڃن جي اجازت ڏيندي 10لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. درخواست گذار جي وڪيل چيو ته تنوير احمد کي اهڙي بيماري آهي جنهن جو علاج پاڪستان ۾ ممڪن نه آهي. جسٽس اقبال ڪلهوڙي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ڪهڙي بيماري آهي جنهن جو علاج پاڪستان ۾ نه آهي .وڪيل جو چوڻ هو دل ۽ گردن جي بيماري آهي .12،12 انجيوگرافي ٿي چڪيون آهن.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.