مڪاني نظام خلاف جماعت اسلامي جو ڌرڻو چوٿين ڏينهن به جاري

ڪراچي(رپورٽ:صادق سومرو ) جماعت اسلامي طرفان نئين مڪاني قانون خلاف سنڌ اسمبلي آڏو ڌرڻو  چوٿين ڏهاڙي به جاري رهيو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ عورتن شرڪت ڪئي، احتجاج ۾ شريڪ عورتن جي هٿن ۾ مختلف نعرن وارا پلي ڪارڊ کنيل هئا، ڌرڻي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيپلز پارٽي پاران مخالف ڌر جي جماعتن کان نئين بلدياتي قانون بابت ورتل تجويزون نئين قانون ۾ شامل ئي ناهن ڪيون ويو،، سنڌ اسيمبلي اڳيان پرامن ڌرڻي جو مقصد حڪومت کي اهو ٻڌائڻ آهي ته ڪارو قانون قبول ناهي،هن چيو ته  اڄوڪي ڌرڻي ۾ مائرون ۽ ڀينرون پنهنجي ٻارن جي مستقبل لاءِ احتجاج ڪري رهيون آهن. هن چيو ته لاهور، اسلام آباد، ملتان ۽ پشاور ۾ ته ميٽرو بسون هلي رهيو آهن پر ڪراچي وارن لاءِ گرين بس جو آزمائشي افتتاح ڪري ڇڏيو ويو آهي.  هن چيو ته پيپلز پارٽي جا وزير اسان کي چون ٿا ته هي جڳهه ڇڏي ڏيو ۽ ڌرڻو ختم ڪيو، اسين کين چئون ٿا ته اوهان حڪومت ڇڏي ڏيو يا ڪارو قانون ختم ڪيو، عوام کي بااختيار مڪاني حڪومت ڏيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.