ڄام عبدالڪريم ٺاهه لاءِ دٻاءُ پيو وجهي: شيرين جوکيو/وارثن ٺاهه ڪيو ته رياست ڪيس وڙهندي:وفاقي سرڪار

اسلام آباد(م ڊ) انساني حقن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي شهيد ناظم جوکيو جي بيوهه کي رينجرز جي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي،ڪميٽي آءِ جي سنڌ کي طلب ڪيو هو پر هو اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو،  سنڌ پوليس اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ته ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ گهربل ايم اين اي فرار ٿي ويو آهي، جڏهن ته ايم پي اي گرفتار ٿي چڪو آهي، پي ٽي آءِ جي سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته ايم اين اي دبئي پهچي چڪو آهي، سنڌ ۾ رڳو پکين جو ئي شڪار نٿو ڪيو وڃي، عرب ملڪن مان ايندڙ شهزادا اتي ڇا ٿا ڪن ان تي بريفنگ ٿيڻ گهرجي، ڇو ته اهي سرگرميون شرمناڪ هونديون آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ پوليس ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي حوالي ڪري پارليامينٽ ميمبرن کي قتل ڪرڻ جي کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي، وفاقي وزير محمد ميان سومرو  کي وڊيوز ذريعي ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن،  پوليس اختيارين چيو ته ناظم جي ڀاءَ ٽن اهلڪارن جا نالا ٻڌايا آهن ۽ اهي چاهين ٿا ته انهن ٽنهي کان به جاچ ڪئي وڃي، ناظم کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، اصل قاتلن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو،پوليس اختيارين چيو ته جيڪڏهن شهيد جا مائٽ ڪنهن سمجهوتي تي راضي ٿين ٿا ته اهي پاڻ عدالت ۾ ڪيس جي پيروي ڪندا، وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته ناظم جوکيو جا وارث جيڪڏهن جوابدارن سان ٺاهه تي راضي ٿي وڃن ٿا ته پوءِ رياست عدالت ۾ ان ڪيس جي پيروي ڪندي، ڪميٽي ايندڙ اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ کي هر صورت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي

ڪراچي( رپورٽر) فطرت جي بچاءُ لاءِ ۽ غير قانوني شڪار روڪڻ لاءِ ڀوتارن سان مهاڏو اٽڪائي شهيد ٿيل شهيد ناظم جوکئي جي بيوهه شيرين جوکئي ڄام ڪريم تي ڊيل لاءِ زور ڀرڻ جو الزام هڻندي اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي ور جي خون جو سودو نه ڪندي. هڪ بيان ۾ شيرين جوکيو  چيو ته ڄام ڪريم ڊيل ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيو آهي پر ڪيس تان هٿ نه کڻنديس. هوڏانهن شيرين جوکئي ۽ ناظم جي ڀاءُ کي اسٽينڊنگ ڪميٽي رينجرز جي سيڪيورٽي ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.