جسٽس عائشه ملڪ جي امڪاني مقرري، پاڪستان بار پاران 6 جنوري تي هڙتال

اسلام آباد( م ڊ) پاڪستان بار ڪائونسل لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عائشا ملڪ جي مقرري معاملي تي جڊيشل ڪميشن جي اجلاس واري ڏينهن هڙتال ۽ عدالتي بائيڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاڪستان بار ڪائونسل جي وائس چيئرمين خوشدل خان چيو ته 6 جنوري تي جڊيشل ڪميشن جي اجلاس واري ڏينهن هڙتال ۽ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو. هن چيو ته سمجهه کان ٻاهر آهي ته جسٽس عائشا کي آڻڻ جو مقصد ڇا آهي؟.  هڪ ڇا 3 عورت جج سپريم ڪورٽ آڻيو  پر  سينيارٽي موجب  آڻيو. وائس چيئرمين چيو ته چيف جسٽس چئي چڪو آهي ته جج مقرري جو معاملو چيف جسٽس تي ڇڏڻ گهرجي.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.