نئين سال جو تحفو، سام سنگ جي بهترين فيچرز سان ليس ٽي وي متعارف

سام سنگ 2022ع لاءِ پنهنجي نئين ٽيليويزن متعارف ڪرائي آهي جيڪا ڪجهه مهينن بعد واهپيدارن کي دستياب هوندي.

لاس ويگاس ۾ ڪنزيومر اليڪٽرونڪس شو (سي اي ايس) جي موقعي تي سام سنگ طرفان ان نئين ٽي وي کي پيش ڪيو ويو.

ان ۾ جا ڪيترائي انوکا ماڊلز جهڙوڪ دي فريم آرٽ، مهانگي مائڪرو ايل اِي ڊي ٽي ۽ بيسڪ ڪيو ايل وي ڊي ماڊلز سان گڏ فليگ شپ نيو ڪيو ايل اي ڊي مالڊز قابل ذڪر آهن.

فوٹو بشکریہ سام سنگ

سام سنگ ڪيترن ئي ورهين کان اها انوکي ڊزائين جي ٽي وي تيار ڪئي آهي جنهن ۾ نه رڳو اوهان پسنديده ٽي وي شوز ۽ فلمون ڏسي سگھو ٿا پر ان ۾ آرٽ جي نمونن کي به ڊسپلي طور رکي سگھجي ٿو.

ان ٽي وي ۾ 4K ريزولوشن، ڪيو ايل اي ڊي ٽيڪنالوجي ود ڪوانٽم ڊاٽس ۽ ڊوئل ايل اي ڊي بيڪ لائيٽ اسٽرڪچر نمايان فيچرز آهن.

اها ٽي وي 32 کان 85 انچ اسڪرين ۾ دستياب هوندي جڏهن ته اڃا ان جي دستيابي جي تاريخ ۽ اگھن جو اعلان ناهي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.