خطرناڪ وائرس ” فلورونا “ جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو

ڪورونا جي وڌندڙ تباهي دوران دنيا ۾ پهريون ڀيرو انساني جسم تي حملو ڪندڙ ڪورونا ۽  فلو وائرس جو گڏيل  ڪيس سامهون آيو آهي.

هن ڪورونا ۽ انفلوئنزا جي ٻٽي انفيڪشن کي ” فلورونا “ سڏيو پيو  وڃي، ڇاڪاڻ ته هن نئين انفيڪشن ۾ مبتلا مريض ۾ ڪورونا ۽ انفلوئنزا ٻئي وائرس مليا آهن.

آسان لفظ ۾ هي هڪ ئي مريض ۾ ڪورونا ۽ فلو يعني زڪام جي ٻٽي انفيڪشن جو معاملو آهي،ڪورونا ۽ فلو جي هن ٻٽي انفيڪشن کي ” فلورونا ” سڏيو ويندو آهي، معنيٰ هڪ ئي وقت فلو +ڪورونا جو ٻٽو انفيڪشن “ فلورونا آهي.

دنيا جو پهريون فلورونا ڪيس ڪجهه وقت اڳ اسرائيل ۾ سامهون آيو، عزب نيوز موجب فلورونا جو پهريون ڪيس هڪ حمل واري عورت ۾ مليو، جنهن رابن ميڊيڪل سينٽر ۾ٻار کي جنم ڏنو هو.

اسرائيلي اخبار yedioth Ahronoth موجب جنهن عورت ۾ فلورونا ڪيس سامهون آيو، ان کي ويڪسين نه لڳي هئي.

سڀ کان پهرين ڄاڻڻ گهرجي ته فلورونا ڪورونا جو ڪو نئون ويرينٽ ناهي،  هي هڪ  ئي وقت ۾ فلو ۽ ڪورونا سان ٿيندڙ ٻٽو انفڪيشن آهي.

اسرائيلي ڊاڪٽرن چيو آهي ته گذريل ڪجهه هفتن ۾ اسرائيل ۾ انفلوئنزا ( زڪام ) جي ڪيسز ۾تيزي سان واڌ اچي رهي آهي، ان ڪري فلورونا تي تحقيق ڪئي پئي وڃي.

قاهرا يونيورسٽي اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر نهلا عبدالوهاب اسرائيلي ميڊيا کي ٻڌايو ته “ فلورونا ” مدافعتي نظام جي وڏي خرابي جي نشاندهي ڪري سگهي ٿو، ڇو ته هن ۾ هڪ ئي وقت 2 وائرس انساني جسم ۾ داخل ٿي ويندا آهن.

ماهرن موجب ڪورونا ۽ فلو ٻنهي جي ٻٽي حملي سان وڏي بيمارين جو خطرو وڌيڪ آهي، ڇو ته هي تيزي سان پکڙجي سگهي ٿو.

ٻئي وائرس ملي جسم ۾ تباهي مچائي سگهن ٿا ۽ ڪيتريون ئي سنگين بيمارين جو ڪارڻ به بڻجي سگهن ٿيون،  ان ڪري هي وائرس ٿيڻ خطرناڪ علامت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.