نواز شريف ۽ سندس ٻارن کي صحت ڪارڊ ڏينداسين: ياسمين راشد

لاهور (م ڊ) پنجاب جي صحت واري وزير ياسمين راشد چيو آهي ته پنجاب ۾ صحت ڪارڊ ورهائڻ وارو ڪم تيزي سان جاري آهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي صحت جي صوبائي وزير چيو ته پرائيويٽ اسپتالن مان به هيلٿ ڪارڊ رکندڙ مريض اچي رهيا آهن. صحت ڪارڊ گهر جي سربراهه کي ملندو. خاندان جو سربراهه پنهنجي ٻارن جي لکت يقيني بنائي.  هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته نوازشريف ۽ ان جي ٻارن کي به صحت ڪارڊ ڏينداسين. ياسمين راشد چيو ته ملڪ ۾ اومي ڪرون جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن. اومي ڪرون سبب انفيڪشن وڌي رهيا آهن لاهور ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح 3.8 سيڪڙو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.