بحريا ٽائون خلاف ميدان ۾ لٿل آهيان: سڪندر شورو

مانجهند(رپورٽ:بابو عمراڻي)ڄامشورو اتحاد جي اڳواڻ اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو چيو آھي ته زمينن جي والار ذريعي  بحريا ٽائون سميت سنڌ دشمن منصوبن جي خلاف ئي ميدان ۾ لٿل آھيان مخصوص ٽولي کي روڪي ضلع جي ترقي ڪرائڻ چاهيان ٿو ضلع جي عوام کي پيئڻ جي پاڻي، صحت تعليم، روزگار، صفائي ،روزگار سميت ڪابه سهولت  ميسر ناهي اهڙيون ڳالهيون  مانجهند ۾ صحافي لياقت علي ملاح ساجد علي ملاح سان سندن والد مرحوم محمد سليمان ملاح جي وفات تي صحافي محرم علي خاصخيلي سان سندس ڏاڏي محمود خان خاصخيلي جي وفات تي جسقم اڳواڻ اڪرم کوسو سان سندس ڀائٽي جي وفات تي تعزيت دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيون ڊاڪٽر سڪندر شورو وڌيڪ چيو ته بلدياتي چونڊن جي تڪبندن تي ڌيان ڏئي رهيو آھيان ڪٿي به غلط ٿيو ته ان خلاف اعتراض داخل ڪنداسين هن وڌيڪ چيو ته مخالف اليڪشن ويجهي ايندي ئي ڄامشورو اتحاد جي ٽٽڻ جا افواهه ڦھلائيندا آھن پر اسان سڀ اتحادي متحد ۽ هم خيال آھيون ان موقعي تي ربڏنو کوسو رضا تنگهياڻي پانڌي تنگهياڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.