هن سال ڪڻڪ جي پوکي 4 لک هيڪٽر گهٽ ٿيڻ جو انڪشاف

حيدرآباد: سنڌ جي آبادگارن اهو خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن آبادگارن کي ڀاڻ ضرورت موجب نه مليو ته ايندڙ وقت ۾ سنڌ اندر ڪڻڪ جو وڏو بحران پيدا ٿيندو، جنهن ڪري اٽي جي کوٽ پيدا ٿيندي ۽ هر شهري کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو. آبادگار اڳواڻ زاهد علي ڀرڳڙي جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ گذريل سال 12 لک هيڪٽر ايراضي تي ڪڻڪ جي پوکائي ٿي هئي، پر زرعي اوزارن، تيل، ڀاڻ ۽ ٻج جي قيمتن ۾ واڌاري سبب آبادگارن جو ڪڻڪ پوکڻ تان ارواهه کڄندو پيو وڃي، جنهن ڪري هن سال 8 لک هيڪٽر  ايراضي تي ڪڻڪ پوکي وئي آهي، هن سال ڪڻڪ جو ضرورت موجب مقرر ڪيل هدف  پورو نه ٿي سگهندو.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.